اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)اڳوڻي سفير عبدالباسط خان چيو آهي ته آمريڪا ۾ ريئر ارٿ منرلز بابت 4 فيبروري تي هڪ وزارتي ڪانفرنس ٿي رهي آهي، جنهن جي سربراهي مارڪو روبيو ڪري رهيو آهي. ڀارت جي طرفان ايس جي شنڪر هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو، جڏهنته پاڪستان کي دعوت ئي ناهي ڏني وئي،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان کي دعوت نه ملڻ بابت ٿي سگهي ٿو ته مان غلط هجان پر اڃا تائين ڪٿي به اهو ظاهر ناهي ٿيو ته پاڪستان ان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو،مان حيران آهيان ته پاڪستان کي دعوت ناهي ملي،هن چيو ته ريئر ارٿ منرلز بابت اسان جو ته هڪ آمريڪي ڪمپني سان معاهدو به ٿيو آهي،ان ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي هئڻ گهرجي ها.