ڪهڙي آئين ۾ لکيل آهي ته ڪراچي کي وفاق حوالي ڪيو ويندو؟وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته  گل پلازا سانحي جي جاچ لاءِ اسان چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي به خط لکيو ته اوهان ان ۾ عدالتي جاچ ڪريو، هڪ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جي ذريعي، چيف جسٽس صاحب ان بابت واپس جواب ڏنو آهي ته ان جا ٽرمپز آف ريفرنس، يعني ان ڪميٽي مان اوهان ڇا ٿا چاهيو، اسان ٻيهر ڪميٽي جي گڏجاڻي ڪري اڄ صبح اهي ٽرمپز آف ريفرنس به منظور ڪري ڇڏيا آهن اهي اڄ صبح چيف جسٽس جي سامهون هوندا، چيف جسٽس صاحب کان اهو ئي مطالبو آهي ته هڪ جج کي مقرر ڪيو وڃي، سانحي تي وڏي واويلا ڪئي پئي وڃي ته ڪراچي کي وفاق حوالي ڪيو وڃي، جيڪڏهن واقعي اهو هنن لاءِ جيئڻ مرڻ جو مسئلو بڻجي ويو آهي ته ان کانسواءِ نٿا سمجهن ته ڪو حل ناهي ته وفاق کي الٽيميٽم ڏيو ته ڀئي ڪراچي کي قبضي ۾ وٺو، الٽيميٽم ڏين ته وفاق ۾ ويٺا آهن اهو ڇڏي ڏين، اسان هنن کي حل ٻڌائي رهيا آهيون ان ڳالهه جو، پر سياست اهڙي سانحي تي ڪرڻ مناسب ناهي، شاهپور چاڪر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم گل پلازا سانحي تي سياست نه ڪري، مان گل پلازا بابت گهڻو ڪجهه ٻڌائي سگهان ٿو ته بابا ان جي ليز ڪيئن ٿي، ان جي منظوري ڪنهن ڏني، پر مان چاهيان ته عدالتي ڪميشن ٺهي، ان کان پوءِ ڳالهيون کلنديون، ٿر ۾ ٻارن جي موت بابت هن چيو ته افسوس آهي انهن چينلن تي جيڪي غلط خبرون ڏئي رهيا آهن، مٺي واري اسپتال، نه رڳو مٺي يا ڀر پاسي اهو نه ٻڌايو ويو ته اتي ٻارڙا جيڪي آيا جيڪي فوت ٿيا آهن اهي ڪمزور هئا، ڪنهن جو هڪ ڪلو کان به گهٽ وزن هو جيڪو اُتي آيا ۽ چون اهو ٿا ته خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿيا آهن، ادا هڪ مهيني جي ٻار کي، هڪ ڏينهن جي ٻار کي ڪهڙي خوراڪ ڏيندا جنهن جي کوٽ ٿي ٿئي، مون کي افسوس آهي ته ان کي غلط رنگ ڏنو پيو وڃي، مٺي جي اسپتال ڪراچي جي اسپتالن جي اسٽينڊرڊ جهڙي ٺهيل آهي، اُتي آبادي جي شرح کي ڏسو، ٿر ۾ ٻار ننڍي عمر ۾ شادين جي ڪري فوت ٿين ٿا، ٻارن جي پيدائش ۾ وقفو ٿيڻ کپي، انهن شين کي به ڏسڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.