ميلبورن (ويب ڊيسڪ) قازقستان جي ايلينا ڪينا بيلاروس جي آرينا سيبالنڪا کي آسٽريلين اوپن وومينز سنگل جي فائنل ۾ شڪست ڏئي گرينڊ سليم ٽائٽل کٽي ورتو، هي سندس ڪيريئر جو ٻيو گرينڊ سليم ٽائٽل آهي.
ڇنڇر ڏينهن ميلبورن ميلبورن جي روڊ ليور ايرينا ۾ کيڏيل فائنل ۾ عالمي نمبر پنج ريبا ڪينا عالمي نمبر هڪ سيبالنڪا کي 4-6، 6-4 ۽ 6-4 تان شڪست ڏني.
فائنل کٽڻ کانپوءِ ريباڪينا جو چوڻ هو ته هوءَ سيبالنڪا کي مبارڪباد ڏيڻ چاهي ٿي، گذريل ٻه سال ڏاڍا شاندار رهيا آهن ۽ اميد آهي ته اسان وڌيڪ فائنلز ۾ دوبدو ٿينديون سين.
You might also like