ايران ۾ ڌماڪا، 5 ڄڻا اجل جو شڪار، ڪيترائي زخمي

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي ٻن مختلف شهرن ۾ ڌماڪن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي سامونڊي شهر بندر عباس ۾ عمارت ۾ ڌماڪو ٿيو، جنهن جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو.
رپورٽن موجب ڌماڪو شهر جي معلم بليوارڊ جي علائقي ۾ 8 ماڙ عمارت ۾ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ عمارت جون ٻه ماڙون تباهه ٿي ويون، جڏهن ته ويجهن دڪانن ۽ ڪيترين ئي گاڏين کي به نقصان پهتو.
ايراني اختيارين ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 14 زخمي ٿي پيا.
ان کانسواءِ ايران جي شهر اهواز جي 4 ماڙ رهائشي عمارت ۾ گيس ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ هڪ ئي خاندان جا 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته عمارت جي ملبي مان 3 ورهين جي ٻار ۽ هڪ عورت کي بچايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.