هڪ ٻئي سسٽم جي انٽري، ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي بلوچستان، پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايران رستي هڪ ٻيو اولهه موسمي سسٽم بلوچستان ۾ داخل ٿي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي.
ان سسٽم تحت ڪوئيٽا، چمن، قلعي عبدالله، گلستان، پشين ۾ برسات، جڏهن ته ڪوزڪ ٽاپ، شيلا باغ ۽ لوئي بند سميت مٿانهن علائقن ۾ برفباري ٿي سگهي ٿي.
موسميات کاتي پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ به برسات ۽ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
هوڏانهن اين ڊي ايم اي اڄ کان 4 فيبروري تائين پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ برسات ۽ برفباري جي اڳڪٿي سبب جابلو علائقن ۾ برفاني ڇپون ڪرڻ ۽ لينڊگ سلائيڊنگ جو خدشو ظاهر ڪندي عوام کي احتياط ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.