لاهور (ويب ڊيسڪ( پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو آهي ته منهنجي خواهش آهي ته جڏهن مان پريس ڪانفرنس ۾ اچان ته بابر اعظم بابت سوال نه ڪيا وڃن.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سلمان علي آغا چيو ته بابر اعظم کانسواءِ به ٻيا رانديگر موجود آهن، انهن بابت به ڳالهائڻ گهرجي، بابر اعظم کي ڇڏي ڏيو .
هن چيو ته جيڪڏهن هو بِگ بيش ليگ ۾ سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو ته ان سان مون کي ڪو فرق نٿو پوي، هو سٺي بيٽنگ ڪري رهيو آهي.
سلمان علي آغا وڌيڪ چيو ته آسٽريليا خلاف سيريز اسان لاءِ گهڻي اهم آهي، سڀني رانديگرن جا ڪردار واضح آهن ۽ مان ڄاڻان ٿو ته ڪهڙي رانديگر کان ڪهڙو ڪم وٺڻو آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز سڀاڻي کان قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ شروع ٿيندي.
سيريز جي ٻي ۽ ٽِين ٽي ٽوئنٽي ميچ ترتيبوار ڇنڇر 31 جنوري ۽ آچر 1 فيبروري تي کيڏي ويندي، ٽئي ميچون پاڪستاني وقت موجب شام چئي وڳي شروع ٿينديون.
بابر کي ڇڏي ڏيو ته بيٽنگ تي ڌيان ڏئي،مان ڄاڻان ٿو ڪنهن کان ڪهڙو ڪم وٺڻو آهي: سلمان علي آغا
You might also like