مهاراشٽر ۾ جهاز ڪِري تباهه، نائب وڏي وزير اجيت پوار سميت پنج ڄڻا اجل جو شڪار

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مهاراشٽرا جو نائب وڏو وزير اجيت پاور هڪ هوائي حادثي فوت ٿي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، جهاز حادثو پوني جي علائقي بارامتي ۾ پيش آيو، حادثي جو شڪار ٿيندڙ چارٽرڊ جهاز ۾ مهاراشٽرا جو نائب وڏو وزير اجيت پوار به سوار هئا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جهاز ۾ اجيت پوار جا ٻه ساٿي ۽ عملي جا ٻه ميمبر پڻ سوار هئا، جنهن مان ڪو به زنده ناهي بچي سگهيو.
ميڊيا رپورٽن موجب، حادثي جا سبب اڃا تائين سامهون نه اچي سگهيا آهن، جڏهن ته لاڳاپيل ادارن حادثي جا ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
اولهه بئنگال جي وزيراعليٰ ممتا بئنرجي جهاز حادثي جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.
هن چيو آهي ته ”هن واقعي جي مناسب جاچ ٿيڻ گهرجي.“
ٻئي پاسي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ لکيو ته ”اجيت پوار هڪ مضبوط اڳواڻ هو، سندس عوام سان گهرو لاڳاپو هو.“
هن چيو ته ” هڪ محنتي شخصيت طور سندس وڏي پيماني تي عزت ڪئي ويندي هئي، هو مهاراشٽرا جي عوام جي خدمت ۾ اڳڀرو رهيو.“
هن وڌيڪ لکيو ته ”انتظامي معاملن بابت سندس سمجهه ۽ غريبن ۽ پٺتي پيل طبقي جي ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ جو جذبو پڻ ساراهڻ جوڳو هو، سندس اوچتو ديهانت ڏکوئيندڙ ۽ افسوسناڪ آهي، سندس ڪٽنب سان ۽ پيروڪارن سان دلي تعزيت ڪجي ٿي.“
مهاراشٽرا جي اڳوڻي گهرو وزير انيل ديشمک صحافين سان ڳالهائيندي جذباتي ٿي ويو ۽ ڪنهن به سوال جو جواب نه ڏئي سگهيو.
ڪانگريس اڳواڻ پرمود تيواري مقامي ميڊيا کي ٻڌايو ته ”جهاز حادثي جون تصويرون ڏاڍيون ڇرڪائيندڙ آهن. “

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.