لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي 11هين ايڊيشن لاءِ رانديگرن جي ڪيٽيگريز جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، پي ايس ايل جي يارهين ايڊيشن ۾ 89 مقامي رانديگرن کي 5 مختلف ڪيٽيگريز ۾ ورهايو ويو آهي.
پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ 16 رانديگر شامل ڪيا ويا آهن، جن ۾ سلمان آغا، حسن علي، محمد نواز ۽ ابرار احمد کي ڊائمنڊ مان پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ ترقي ڏني وئي آهي، جڏهن ته صاحبزاده فرحان گولڊ مان پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ اچي ويو آهي.
پي ايس ايل 11 ۾ ٽاپ ڪيٽيگري لاءِ نيلاميءَ جي بيس پرائس 4 ڪروڙ 20 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
بابر اعظم، شاهين آفريدي، محمد رضوان، فخر زمان، صائم ايوب، نسيم شاهه، حارث رئوف ۽ شاداب خان پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ برقرار رکيا ويا آهن.
پي ايس ايل جي هن ايڊيشن ۾ 11 رانديگر ڊائمنڊ ڪيٽيگري ۾ شامل ڪيا ويا آهن، جن تحت محمد وسيم جونيئر، سفيان مقيم ۽ سلمان مرزا گولڊ مان ڊائمنڊ ڪيٽيگري ۾ ترقي ماڻي آهي.
گولڊ ڪيٽيگري ۾ 32 رانديگر شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سلور ۽ ايمرجنگ ڪيٽيگري ۾ 30 رانديگر هوندا.
پي ايس ايل جي نيلامي کان اڳ هر فرنچائز کي ڪل 4 رانديگر برقرار رکڻ جي اجازت هوندي، جڏهن ته هر ڪيٽيگري مان هڪ رانديگر برقرار رکيو ويندو.
پاڪستان سپر ليگ لاءِ پرڏيهي رانديگرن جي رجسٽريشن جي تاريخ 3 فيبروري تائين وڌائي وئي آهي، جڏهن ته پي ايس ايل جو پهريون ۽ تاريخي پليئرز آڪشن 11 فيبروري تي ٿيندو.