گُل پلازا ۾ باهه ڪيئن لڳي؟ سانحي جي حتمي جاچ رپورٽ تيار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ڪمشنر گل پلازا سانحي بابت حتمي جاچ رپورٽ تيار ڪري ورتي.
ذريعن موجب، گل پلازا سانحي جي حتمي جاچ رپورٽ ڪمشنر ڪراچي ۽ ايڊيشنل آءِ جي تي ٻڌل ڪميٽي تيار ڪئي آهي، ڪمشنر ڪراچي گل پلازا ۾ باهه لڳڻ واري واقعي جي رپورٽ وڏي وزير مراد علي شاهه کي پيش ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته رپورٽ ۾ باهه لڳڻ جا ڪارڻ، باهه وسائڻ ۽ امدادي ڪارروائين بابت تفصيل شامل آهن.
ان کانسواءِ رپورٽ ۾ متاثرن، اکين ڏٺن شاهدن ۽ ريسڪيو عملدارن کان حاصل ٿيندڙ ڄاڻ جا تفصيل پڻ شامل ڪيا ويا آهن.
ذريعن موجب، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گرائونڊ فلور تي موجود هڪ ٻار هٿان فلاور شاپ ۾ باهه لڳي، جيڪا تيزي سان پکڙجي وئي ۽ ايئر ڪنڊيشن جي ڊڪٽس ذريعي ڦهلجي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ رپورٽ ۾ لکيو ويو آهي ته باهه لڳڻ سبب 79 فوتگيون ٿيون، جن مان گهڻي ڀاڱي فوتگيون گل پلازا جي ميزانائن فلور تي ٿيون.
رپورٽ موجب، گل پلازا ۾ باهه رات 10 لڳي 15 منٽن تي لڳي، جڏهن ته رات 10 لڳي 26 منٽن تي فائر بريگيڊ کي باهه جو اطلاع مليو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ رات ساڍي ڏهين وڳي گل پلازا پهتو، پهريون فائر ٽينڊر 11 منٽن بعد رات 10 لڳي 37 منٽن تي گل پلازا پهتو، جڏهن ته ريسڪيو 1122 جو عملو رات 10 لڳي 53 منٽن تي گل پلازا پهتو.
ٻئي پاسي سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي گل پلازا جي انڪوائري تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر سانحي جي جڊيشل انڪوائري ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
علي خورشيدي چيو ته جنهن آفيسر کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي، اهو ئي انڪوائري ڪري رهيو آهي، اهڙي انڪوائري کي ڪير مڃيندو؟ ڪمشنر ڪراچي ڪيئن گل پلازا سانحي جي انڪوائري ڪري سگهي ٿو ؟
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي سمجهي ٿي ته اسان گل پلازا سانحي تي سياست ڪري رهيا آهيون ته معاملي جي جڊيشل انڪوائري ڪرائي، سياست پاڻ ختم ٿي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.