تاشقند (ويب ڊيسڪ) سائوٿ ايشين گيمز (سيف گيمز) پاڪستان ۾ ڪرائڻ بابت وڏو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، تاشقند ۾ سائوٿ ايشين اولمپڪ ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن صدر عارف سعيد، وفاقي سيڪريٽري آءِ پي سي محي الدين واني ۽ سيڪريٽري جنرل پي او اي خالد محمود پڻ شرڪت ڪئي.
وفاقي سيڪريٽري محي الدين واني پاڪستان جي نمائندگي ڪندي اجلاس دوران گيمز ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سيف گيمز جا مقابلا مارچ 2027 ۾ پاڪستان ۾ ئي ڪرايا ويندا، سيف گيمز ۾ حصو وٺندڙ رانديگرن ۽ آفيشلز کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون، ميچون 23 مارچ کان 31 مارچ تائين جاري رهنديون.
واضح رهي ته پاڪستان ۾ جنوري ۾ شيڊيول سائوٿ ايشين گيمز کي ملتوي ڪيو ويو هو.
You might also like