عدالت آڪاش انصاري قتل ڪيس ۾ شاهه لطيف عرف وشال کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد جي عدالت ناليواري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري قتل ڪيس ۾ سندس هنج ورتل پٽ شاهه لطيف عرف وشال کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ماڊل ٽرائل ڪرمنل ڪورٽ ۽ فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج تصور علي راجپوت جي عدالت ڪيس جو فيصلو ٻڌايو.
عدالت ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل ڪيس جو فيصلو 16 جنوري تي محفوظ ڪيو هو، فيصلي وقت ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جا دوست، مٽ مائٽ وڏي انگ ۾ عدالت ۾ موجود هيا.
واضح رهي ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي 15 فيبروري 2025 ۾ بيدردي سان قتل ڪري لاش ساڙيو ويو هو، جنهن کانپوءِ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي هنج ورتل پٽ شاهه لطيف عرف وشال کي گرفتار ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.