پي ايس ايل : پرڏيهي رانديگرن جي رجسٽريشن شروع

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل جي يارهين ايڊيشن لاءِ پرڏيهي رانديگرن جي رجسٽريشن شروع ٿي وئي آهي.
پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي جاري ڪيل بيان موجب، پرڏيهي رانديگرن جي رجسٽريشن ايندڙ 3 فيبروري تائين جاري رهندي.
واضح رهي ته پي ايس ايل جو يارهون سيزن 26 مارچ کان شروع ٿيندو، ميگا ايونٽ ٻه نيون ٽيمون حيدرآباد ۽ سيالڪوٽ به حصو وٺنديون.
پي ايس ايل جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو رانديگرن جي ڊرافٽنگ بدران نيلامي ٿيندي، جنهن جي تاريخ 11 فيبروري مقرر ڪئي وئي آهي.
ان کانسواءِ نيلامي لاءِ رانديگرن جي بنيادي قيمت (بيس پرائس) جو به اعلان ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.