ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا گل پلازا سانحي ۾ شهيد ٿيندڙن جي وارثن کي هڪ – هڪ ڪروڙ رپيا ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گل پلازا سانحي ۾ متاثر ٿيندڙ دڪاندارن کي 5-5 لک رپيا ڪچن ۽ يوٽيليٽي خرچن لاءِ ڪمشنر ذريعي ادا ڪيا پيا وڃن.
سنڌ ڪابينا متاثر دڪاندارن کي هڪ – هڪ ڪروڙ رپيا بنا وياج قرض فراهم ڪرڻ جي به منظوري ڏني.
مراد علي شاهه چيو ته متاثرن کي رليف فراهم ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي، هي قرض دڪاندارن کي ٻيهر ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ ڏنو پيو وڃي، وياج سنڌ حڪومت ادا ڪندي.
هن چيو ته متاثر دڪاندارن کي ٻن مهينن اندر ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ دڪان جي سهولت فراهم ڪئي ويندي، اسان دڪاندارن جي تحفظ ۽ سهولت لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين.
You might also like