ڏوڪڙن تي ميٽا سروسز استعمال ڪندڙ واهپيدارن لاءِخوشخبري

ميٽا انسٽاگرام، فيس بُڪ ۽ واٽس ايپ سميت پنهنجي ايپس ۾ نوَن سبسڪرپشن ماڊلز جي آزمائش شروع ڪري ڇڏي آهي.
هڪ رپورٽ موجب، ميٽا جي ترجمان تصديق ڪئي آهي ته نون سبسڪرپشن ماڊلز جي ٽيسٽ ڪئي پئي وڃي، جنهن تحت فيس ادا ڪندڙ واهپيدارن کي وڌيڪ فيچرز ۽ بهتر آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) فيچرز تائين پهچ حاصل ٿيندي.
ميٽا ويجهڙائي ۾ جرنل اي آءِ ايجنٽس سوئيٽ ”Manus“ کي خريد ڪيو آهي، جيڪو پڻ سبسڪرپشن پلانز جو حصو هوندو.
نوَن سبسڪرپشن پلانز جو مقصد ميٽا جي آمدني ۾ واڌارو آڻڻ آهي.
ميٽا طرفان اي آءِ ماڊلز ”لاما“ جي نالي سان تيار ڪيا پيا وڃن، جيڪي اوپن سورس آهن ۽ جن تائين رسائي مفت آهي.
ميٽا جي سبسڪرپشن ماڊلز ۾ مختلف فيچرز شامل هوندا، جن ۾ اي آءِ تي ٻڌل مختصر وڊيوز وائبز تائين مڪمل پهچ پڻ شامل آهي.
جيئن ته ميٽا جي وائبز سروس متعارف ٿيڻ کانپوءِ مفت رهي آهي، پر سبسڪرپشن ماڊل ۾ واهپيدارن کي واڌو فيچرز مهيا ڪيا ويندا.
مٿي ڄاڻايل سبسڪرپشن ماڊلز في الحال موجود ميٽا ويئرِيفائيڊ سروس کان ڌار هوندا.
ميٽا ويئرِيفائيڊ سروس ڪمپني 2023ع ۾ متعارف ڪرائي هئي، جنهن ذريعي واهپيدار پنهنجي اڪائونٽن تي بليو ٽِڪ حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ کين ٻين فيچرز تائين رسائي پڻ ملي ٿي.
ميٽا ترجمان موجب، شروعاتي آزمائش کانپوءِ واهپيدارن جي مشورن کي نظر ۾ رکندي انهن سبسڪرپشن پلانز کي سڀني واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.