اڄڪلهه جا ٻار رت جي رشتن کي لڄائي رهيا آهن: جاويد شيخ

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سينيئر اداڪار جاويد شيخ چيو آهي ته رت جا رشتا ڪڏهن ڪڏهن انسان کي لڄائي ڇڏيندا آهن.
اداڪار جاويد شيخ تازو ئي هڪ نجي ٽي وي جي مارننگ شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن فني سفر ۽ ذاتي زندگي بابت تفصيلي ويچار ونڊيا.
پروگرام دوران هن ٻڌايو ته هو ڪراچي ۾ گل پلازا ويجهو رڳو ٻن ڪمرن جي هڪ گهر ۾ پنهنجي 8 ڀينرن ڀائرن سان محبت سان گڏ رهندو هو.
جاويد شيخ چيو ته جوائنٽ فيملي به ٻن قسمن جون هونديون آهن، هڪ اها جتي تمام وڏو گهر هجي ۽ اِها به خبر نه پوي ته بابو ڪٿي آهي ۽ امان ڪٿي ويٺي آهي، اتي گڏ رهڻ ممڪن هوندو آهي، جڏهن ته ٻيو اهڙو گهر هوندو آهي جتي سڀ ماڻهو هڪ ٻئي مٿان سوار هوندا آهن، اتي گذارو ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي.
هن چيو ته رت جا رشتا ڪڏهن ڪڏهن انسان کي رسوا ڪري ڇڏيندا آهن، جڏهن ته ٻئي پاسي دوستيون يا روح جا رشتا اڪثر انسان جي وڌيڪ ويجهو هوندا آهن ۽ ڪيئي موقعن تي رت جي رشتن کان وڌيڪ ڪم ايندا آهن.
جاويد شيخ جو چوڻ هو ته هو سمجهي ٿو ته اڄڪلهه رت جا رشتا جنهن حال ۾ آهن، اسان سڀ ان جا شاهد آهيون، اسان ڏسون ٿا ته ٻار پنهنجن والدين کان سڄي ملڪيت وٺي کين اڪيلو ڇڏي ڏين ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته آخر ۾ اهڙن والدين جي سندن دوست پرگهور لهندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن ته کين پنهنجي گهر ۾ به وٺي ويندا آهن، تنهنڪري اهڙا رشتا رت جي رشتن کان به وڏو اثاثو هوند آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.