شاهه حسن ٻيٽ جو دورو۽ مقامي ماڻهن جا خدشا

تحرير: سامي ميمڻ

ڪراچي  ضلعي ملير جي سامونڊي علائقي ۾ واقع تاريخي شاهه حسن ٻيٽ (درگاھ )هڪ ڀيرو ٻيهر بحث جو مرڪز بڻجي ويو آهي ان تاريخي ٻيٽ جو ۽ وفاقي سرڪار طرفان سياحتي مرڪز ٺاهڻ جي اعلان جو جائزو وٺڻ لاءِ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، صحافين ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن پاران دورو ڪيو ويو. جڏهن اسان سمنڊ ڪناري پهتا سين ته هڪ  نئين دنيا ڏٺي سين، پڪي رستي تان هيٺ لهندي ٻيٽ شروع ٿيو ته هر طرف تمرن جي وڻن جو جهنگ نظر آيو جتي اٺن جا وڳ  تمر جي ٻيلن جا پن کائي پيٽ ڀري بک اجهائي رهيا هئا جڏهن ته جت اٺن کي نگراني ڪندي کين اڳتي هاڪارڻ جي ڪوششن ۾ مصروف نظر آيا. ڀرپاسي جي زمين تي ڪجهه سالن اڏيل ڪارخانن جي دونهين ۾ دونهاٽيل صديون پراڻيون چوڪنڊي  طرز جهڙيون  پٿرن سان جڙيل قبرون نظر آيون

اهي قبرون پنهنجي صدين جي وجود جو احساس ڏياريندي ڄڻ ته مالڪي لاءِ پڪاري رهيون هنيون ته کين ميساري تاريخ کي ختم ڪيو پيو وڃي ثبوت ڊاهيا پيا وڃن پر اسان جا پوئينر خاموش آهن اسان اهي آواز ٻڌا اڻ ٻڌا ڪري اڳتي وڌي رهيا هئاسين اڳتي هلي پري کان سمنڊ اندر جبل تي بزرگ حسن شاھ جي مزار تي نظر آئي. هن دوري جو مقصد وفاقي حڪومت طرفان تجويز ڪيل سياحتي منصوبي جي ممڪنه اثرن جو جائزو وٺڻ هو. دوري دوران ٻيٽ جي موجوده صورتحال، درگاهه جي تقدس، مهاڻن جي روزگار ۽ ماحولياتي نظام بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙن تجويز ڪيل منصوبي کي تڪراري قرار ڏيندي ان تي سخت ڳڻتي  جو اظهار ڪيو.

هن دوري ۾ سنڌ انڊيجيئنس رائيٽس الائنس جي صدر سيد خداڏنو شاهه، جنرل سيڪريٽري حفيظ بلوچ، ملير جو سماجي اڳواڻ سليم سالار، مهاڻن جي مشهور اڳواڻ يونس خاصخيلي، صحافي ۽ مقامي آبادي وڏي انگ ۾ شريڪ هئي. شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته شاهه حسن ٻيٽ رڳو  تفريحي هنڌ ناهي، پر صديون پراڻي تاريخ، مذهبي عقيدت ۽ مقامي سڃاڻپ جو اهم مرڪز آهي، جنهن کي نظرانداز ڪرڻ زميني حقيقتن کان اڻڄاڻ هجڻ برابر آهي.هي دورو اهڙي وقت ٿيو آهي جڏهن وفاقي وزير بحري معاملن جنيد انور پنهنجي تازي بيان ۾ چيو هو ته پورٽ قاسم ڀرسان واقع شاهه حسن ٻيٽ کي ماحولياتي سياحت، راندين جي سرگرمين ۽ لائف اسٽائل ريٽريٽس لاءِ جديد سياحتي مرڪز بڻايو ويندو. وفاقي حڪومت موجب هن منصوبي تي هڪ کان ڏيڍ ارب رپيا خرچ ايندو ۽ ان سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، پر هن اعلان کان پوءِ مقامي سطح تي بيچيني ۽ خدشن ۾ اضافو ٿيو آهي.سيد خدا ڏنو شاهه ٻڌايو ته شاهه حسن ٻيٽ جو ڪل اريراضي لڳ ڀڳ 5300 ايڪڙ آهي ۽ هتي واقع حضرت سيد شاهه حسن جي درگاهه لڳ ڀڳ 800 سال پراڻي آهي. درگاهه تي هر سال عرس جون تقريبون ٿينديون آهن، جتي ڏورانهين علائقن مان زائرين ايندا آهن، جڏهن ته ڀرپاسي ۾ مقامي خاندانن ۽ مهاڻن جا قبرستان پڻ موجود آهن. مختلف دورن ۾ زائرين جي سهولت لاءِ مسافر خانا، مسجد ۽ پاڻي جون ٽانڪيون تعمير ڪيون ويون، جيڪي لڳ ڀڳ 50 ايڪڙ ايراضي تي پکڙيل آهن.

 دوري دوران ماحولياتي خدشا به نمايان طور سامهون آيا. مهاڻن جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ٻيٽ ۽ ان جي چوڌاري سمنڊ صدين کان سندن روزگار جو ذريعو رهيو آهي، ۽ وڏي پيماني تي تعميراتي ڪم سمنڊ جي حياتيات ۽ مهاڻن جي معيشت کي ناقابل تلافي نقصان پهچائي سگهي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ هزارين خاندان بيروزگار ٿي سگهن ٿا.شرڪت ڪندڙن اها به نشاندهي ڪئي ته ٻيٽ گذريل ويھه  سالن کان ڪوسٽ گارڊ جي استعمال ۾ آهي جن  سنڌ حڪومت کان 10 ايڪڙ زمين حاصل ڪري چار ديواري هڻي ڇڏي آهي . وڌيڪ اهو به ٻڌايو ويو ته 1976ع ۾ پورٽ قاسم انتظاميا درگاهه جي سالياني ميلي، قبرستان، مسافرخاني ۽ درگاھ لاءِ اٽڪل 50 ايڪڙ گرائونڊ مخصوص ڪيو هو، ان تي ڪوسٽ گارڊ پنهنجي حدن کان ٻاهر نڪري هيلي پيڊ، رستو ۽ اسپيڊ بوٽون بيهاريون آهن، جنهن کي اختيارن جو ناجائز استعمال قرار ڏنو پيو وڃي. دوري جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن ٻيٽ تي ريلي پڻ ڪڍي ۽ اعلان ڪيو ته جيڪڏهن تجويز ڪيل منصوبو واپس نه ورتو ويو ته احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو. مقامي آبادي جو واضح موقف آهي ته هو ترقي جا مخالف ناهن، پر اهڙي ترقي جيڪا سندن تاريخ، مذهبي تقدس، سڃاڻپ ۽ روزگار کي خطري ۾ وجهي، اها ڪنهن به صورت قبول نه ڪئي ويندي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.