گل پلازا جي عمارت غيرمحفوظ قرار، ملبي مان 67 لاش ڪڍيا ويا، پوسٽ مارٽم مڪمل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل باهه کان متاثر ٿيل گل پلازا جي عمارت کي غير محفوظ قرار ڏئي ڇڏيو، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي عملدارن گل پلازا جو دورو ڪيو، جتي فني جائزي کان پوءِ ٽيڪنيڪل ڪميٽي عمارت کي رهائش ۽ استعمال لاءِ غير محفوظ قرار ڏنو، ٽيڪنيڪل ڪميٽي سفارش ڪئي آهي ته ريسڪيو آپريشن مڪمل ٿيڻ  کان پوءِ گل پلازا جي عمارت کي ڊاهيو وڃي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي موجب گل پلازا 8124 گز ايراضيءَ تي ٻڌل آهي ۽ ان ۾ 1102 دڪان شامل آهن، ٻئي پاسي گل پلازا واقعو پيش اچڻ کان پوءِ ميونسپل ڪمشنر ڪي ايم سي افضل زيدي کي عهدي تان هٽايو ويو، چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن موجب افضل زيدي کي سروسز، جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ڊپارٽمينٽ ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، ساڳئي نوٽيفڪيشن تحت 19 گريڊ جي ايڪس پي سي ايس آفيسر سميرا حسين کي ميونسپل ڪمشنر ڪي ايم سي جي اضافي چارج ڏني وئي، ذڪر جوڳو آهي ته اڳوڻو ميونسپل ڪمشنر افضل زيدي 30 نومبر تي ٽن سالن جي ابراهيم جي گٽر ۾ ڪري فوت ٿيڻ واري واقعي کان پوءِ سخت تنقيد هيٺ هو، سنڌ حڪومت جي ذريعن موجب گل پلازا ۾ پيش آيل باهه واري واقعي دوران به افضل زيدي جي ڪارڪردگي اطمينان بخش نه رهي، ذريعن موجب گذريل مهيني افضل زيدي کي پرڏيهه سفر کان به روڪيو ويو هو، جڏهن ته ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازa ۾ پيش آيل سانحي کان پوءِ ريسڪيو آپريشن دوران عمارت جي ملبي مان 67 لاش ڪڍيا ويا، سمورن لاشن جو پوسٽ مارٽم مڪمل ٿي ويو، پوليس سرجن ڊاڪٽر سميعه سيد موجب گل پلازا جي ملبي مان ڪڍيل لاشن ۽ انساني باقيات جو انگ 67 تائين پهچي ويو آهي، جيڪي اسپتال منتقل ڪيا ويا، ڊاڪٽر سميعه سيد ٻڌايو ته انهن مان صرف 15 لاشن جي سڃاڻپ ٿي سگهي آهي، سڙي فوت ٿيل ماڻهن جي سڃاڻپ مڪمل ڪرڻ لاءِ سڀني لاشن ۽ انساني باقيات جا ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻا پوندا۔ پوليس سرجن موجب پوسٽ مارٽم کانپوءِ قانوني تقاضا پوري ڪيا پيا وڃن۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.