لاهور (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش اڄ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
بنگلاديش جي راندين بابت صلاحڪار ڊاڪٽر آصف نذرل اعلان ڪيو آهي ته بنگلاديش ٽيم ورلڊڪپ لاءِ ڀارت نه ويندي.
ذريعن موجب، بنگلاديش جي راندين بابت صلاحڪار آصف نذرل ۽ بنگلاديشي رانديگرن وچ ۾ اجلاس ختم ٿيو.
اجلاس کانپوءِ ڊاڪٽر آصف نذرل اعلان ڪيو آهي ته عالمي ڪپ کيڏڻ لاءِ ٽيم ڀارت نه موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
هن وڌيڪ ته چيو ته اسان ورڪپ کيڏڻ چاهيون ٿا، اسان کي اڃا به پراميد آهيون ته آءِ سي سي اسان جي ڳالهه مڃيندي.
ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته بنگلاديش ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت کان انڪار جي صورت ۾ پاڪستان طرفان به بائيڪاٽ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گهڻو امڪان آهي ته جيڪڏهن آءِ سي سي بنگلاديش جو موقف نه مڃيو ته پاڪستان ورلڊ ڪپ جو بائيڪاٽ ڪري سگهي ٿو.
You might also like