ڪراچي( ويب ڊيسڪ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ ڪڪر وسي پيا.
ڪراچي جي علائقي مشرف ڪالوني ۾ تيز هوائن سان گڏ مِينهن وُٺو آهي، جڏهن ته شهر جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي.
سرجاني ٽائون، ملير، ناگڻ چورنگي، بفرزون ۽ ڀرپاسي وارن علائقن سميت احسن آباد ۾ تيز برسات جاري آهي.
ان کانسواءِ صدر ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ هلڪي برسات، جڏهن ته گلستانِ جوهر، ڊالميا ۽ اسڪيم 33 ۾ به برسات پئي آهي.
ٻئي پاسي پي اي سي ايڇ ايس ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بوندا باندي ٿي آهي.
واضح رهي ته موسميات کاتي طرفان اڄ ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾تيز هوائن ۽ گجوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جي
اڳڪٿي ڪئي وئي هئي.