ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي بي) پنهنجي فيصلي کي برقرار رکندي اعلان ڪيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ کيڏڻ لاءِ پنهنجي ٽيم کي ڀارت نه موڪليندو.
بنگلاديش جي راندين بابت صلاحڪار ڊاڪٽر آصف نذرل اعلان ڪيو آهي ته بنگلاديش ٽيم ورلڊڪپ لاءِ ڀارت نه ويندي.
ذريعن موجب، بنگلاديش جي راندين بابت صلاحڪار آصف نذرل ۽ بنگلاديشي رانديگرن وچ ۾ اجلاس ختم ٿيو.
اجلاس کانپوءِ ڊاڪٽر آصف نذرل اعلان ڪيو آهي ته عالمي ڪپ کيڏڻ لاءِ ٽيم ڀارت نه موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
هن وڌيڪ ته چيو ته اسان ورڪپ کيڏڻ چاهيون ٿا، اسان کي اڃا به پراميد آهيون ته آءِ سي سي اسان جي ڳالهه مڃيندي.
بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي فيصلي تي ڄمي ويو، ورلڊ ڪپ لاءِ ٽيم ڀارت نه موڪلڻ جو اعلان
Prev Post
You might also like