بابر جو بي بي ايل سفر ختم! سڊني سڪسرز پاران”وڏي مهرباني“ جو پيغام جاري

سڊني (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر بابر اعظم جو بگ بيش ليگ ۾ سفر ختم ٿي ويو.
بگ بيش ليگ جي فرنچائز سڊني سڪسرز سوشل ميڊيا ذريعي بابر اعظم جي باقي ميچن لاءِ غير موجودگيءَ جو اعلان ڪيو آهي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بابر اعظم کي ترت پاڪستان ٽيم جي تربيتي ڪئمپ جوائن ڪرڻ لاءِ وطن واپس گهرايو ويو آهي.
ان کانسواءِ سڊني سڪسرز بي بي ايل ۾ شرڪت ڪرڻ تي بابر اعظم جا ٿورا پڻ مڃيا.
ٻئي پاسي بابر اعظم پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته مان سڊني سڪسرز جي ڪوچز ۽ رانديگرن جو ٿورائتو آھيان، مون هتي ڏاڍو انجواءِ ڪيو آھي، بدقسمتي سان مون کي ٽيم ڇڏڻي پئجي رھي آھي.
اسٽار بيٽر چيو ته قومي ذميواري سبب مون کي ٽيم ڇڏڻي پئي، مان سٺين يادون ساڻ کڻي واپس وڃي رهيو آهيان، سڊني سڪسرز جي فينز ۽ جن سپورٽ ڪيو تن جي مهرباني.
واضح رهي ته سڊني سڪسرز جو سڀاڻي چيلنجر فائنل هوبارٽ هيوريڪينز سان شيڊيول آهي، ان مقابلي جي فاتح ٽيم بي بي ايل جي آخري ڏنل ۾ آچر ڏينهن پرٿ اسڪارچرز سان مهاڏو اٽڪائيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.