ملڪ مشڪل حالتن کان ٻاهر نڪري چڪو آهي:وزيراعظم

ڊيووس (م ڊ) وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ مشڪل حالتن کان ٻاهر نڪتي چڪو آهي ۽ هاڻي اقتصادي استحڪام جي راهه تي هلي رهيو آهي، ڊيووس ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي برآمدات تي ٻڌل ترقي جي رستي تي هلڻو پوندو ۽ ملڪ جي نظام ۾ بنيادي ڍانچائي سڌارا آندا ويا آهن، ملڪ هاڻي سفارتي طور به اڪيلائيءَ مان ٻاهر نڪتو آهي، زراعت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌي رهي آهي ۽ ان سبب پاڪستان جا معاشي اشاريه تسلي بخش آهن، پي آءِ اي جي نجڪاري مڪمل شفافيت سان ڪئي وئي، علم ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سهڪار جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ معدنيات جي شعبي ۾ وڏي سيڙپڪاري ٿي رهي آهي، آمدني گڏ ڪرڻ واري نظام ۾ وڏي تبديلي آئي آهي، نوجوانن جي تربيت ۽ هُنرمند بڻائڻ لاءِ ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا ويا آهن، ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي 56هين سالياني اجلاس دوران آءِ ايم ايف جي منيجنگ ڊائريڪٽر کرسٽالينا جارجيوا سان ملاقات ڪئي، پڌرائي موجب وزيراعظم آءِ ايم ايف کي پاڪستان جي ميڪرو اقتصادي اشاريه ۾ بهتري بابت آگاه ڪيو ۽ ملاقات دوران عالمي اقتصادي نقطه نظر ۽  اڀرندڙ معيشتن کي درپيش چئلينج تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ملاقات ۾ اقتصادي استحڪام جي تحفظ ۾ سهڪار جي اهميت تي به زور ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.