واشنگٽن/ابو ظهبي/پيرس (م ڊ) صدر ٽرمپ فرانسيسي صدر کي رجيم چينج جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. سندس دعويٰ آهي ته فرانس جو صدر اميناويل ميڪرون گهڻو وقت عهدي تي نه رهندو. ان کان اڳ فرانسيسي صدر غزا بورڊ آف پيس ۾ شموليت جي ٽرمپ جي آڇ کي ٿڏي ڇڏيو هو. ان تي ٽرمپ فرانس مان درآمد ٿيندڙ شراب شيمپين تي 200 سيڪڙو تيرف هڻڻ جي ڌمڪي به ڏني هئي. ٻئي پاسي گڏيل عرب امارتن صدر ٽرمپ جي غزا بورڊ آف پيس ۾ شموليت جي دعوت قبول ڪري ورتي. پرڏيهي وزير هڪ بيان ۾ چيو ته صدر شيخ محمد بن زيد النهيان دعوت قبول ڪئي آهي. نائب وزيراعظم شيخ عبدالله بن زيد چيو ته گڏيل عرب امارات جو فيصلو ٽرمپ جي 20 نقطن واري منصوبي تي عمل جي اهميت جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪو فلسطيني عوام جي جائز حقن لاءِ اهم آهي. هوڏانهن ٽرمپ تصديق ڪئي ته هن روس جي صدر ولاديمير پيوٽن کي آمريڪي تجويز ڪيل غزا بورڊ آف پيس ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي.