ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ڪراچي جي گل پلازا مارڪيٽ ۾ باهه لڳڻ ڪري قيمتي حياتين توڙي اربين رپين جي نقصان تي دلي ڏک جو اظهار ڪندي ان کي ڪرپشن ۽ حڪومتي نااهلي جو نتيجو قرار ڏنو ۽ حڪومتکان مطالبو ڪيو ته صرف بيان ڏيڻ بدران واقعي جي مڪمل جاچ ڪئي وڃي، جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، متاثرين کي امداد ۽ بحالي لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ مستقبل ۾ اهڙن افسوسناڪ واقعن کي روڪڻ لاءِ اڳواٽ منصوبابندي ڪئي وڃي. هن چيو ته گل پلازا ۾ پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي شهر ۾ حفاظتي قدمن ۽ هنگامي حالتن ۾ قدمن جي نظام بابت ڪيترائي سوال اٿاريا آهن. قدرتي آفت کان پوءِ سرڪاري ادارا ن کي جيڪي قدم کڻن گھرجن ھا اهي تن ۾ ناڪام ثابت ٿيا. هي ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ۽ سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪندڙ ڪراچي جي صورتحال اھا آهي تہ پوءِ سنڌ جي باقي شهرن جو ڇا حشر ھوندو؟
-
واپاري برادري پاران ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان
ڪراچي (رپورٽر) واپاري اڳواڻ عتيق مير چيو آهي ته گل پلازه سانحي تي تاجر برادري ٽي ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته اها حقيقت آهي ته پراڻين مارڪيٽن ۾ سيفٽي ۽ ايمرجنسي قدمن جي کوٽ آهي، ڪراچي اليڪٽرانڪس ڊيلرز ايسوسيئيشن پڻ يومِ سوڳملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايسوسيئيشن جي صدر رضوان عرفان گل پلازه حادثي تي وڊيو بيان ۾ چيو ته آتشزدگي سبب اربين رپين جو نقصان ٿي چڪو آهي، ڪيترائي ماڻهو فوت ٿيا آهن ۽ لڳ ڀڳ 60 ماڻهو لاپتا آهن. گل پلازه ۾ لڳل باهه تي 34 ڪلاڪن بعد ضابطو آندو ويو آهي، جڏهن ته ڪولنگ جو عمل جاري آهي، رضوان عرفان وزيراعليٰ سنڌ ۽ گورنر کان اپيل ڪئي ته متاثرن جي مدد ڪئي وڃي