پٽ جي شادي تي مريم نواز جا عوامي ٽيڪس مان شاهاڻا خرچ؟

نيويارڪ (شهباز گل) لاهور جي جاتي عمرا علائقي ۾ ڪيپٽن (ر) صفدر ۽ مريم نواز جي پٽ جنيد صفدر جي شادي جون تقريبون شروع ٿي ويون آهن. هڪ ڏينهن اڳ مهندي جي تقريب ٿي. تقريب دوران سرڪاري وسيلن جي غلط استعمال  ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي بابت سوال اٿاريا پيا وڃن. ذريعن موجب، مهندي جي تقريب رات دير تائين جاري رهي، جيتوڻيڪ قانون موجب، تقريبون رات جو 10 وڳي کان پوءِ منعقد ڪرڻ جي اجازت ناهي. ساڳئي طرح، وزيراعظم شهباز شريف پاران متعارف ڪرايل ون ڊش قانون جي به ڀڃڪڙي  ڪئي وئي. سيڪيورٽي جي نالي تي هزارين پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا ۽ ويهه کان پنجويهه ڪلوميٽر جي علائقي ۾ چيڪ پوسٽون ۽ پروٽوڪول نظر آيا. صفائي، پارڪنگ، سينگار ۽ گلن سميت سڀ انتظام سرڪاري وسيلن سان ڪيا ويا. نقادن جو چوڻ آهي ته جڏهن ٽيڪس ڏيندڙن جا وسيلا هن طرح استعمال ڪيا ويندا آهن، ته معاملو خانگي نه رهندو آهي پر عوامي ٿي ويندو آهي، جنهن جي وضاحت جي ضرورت هوندي آهي. ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته تقريب تي جهڙي نموني خرچ ڪيو ويو هو اها تقريب ڪنهن بادشاهه جي لڳي رهي هئي. شادي جون تصويرون سامهون اچڻ کانپوءِ ڪيپٽن صفدر سڀ کان سادو نظر آيو، سندس جوتن تي ڌوڙ نظر آئي ۽ پراڻي وڳي ۾ هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.