مُرونال ٺاڪر جي ڌَنُش سان شادي، تاريخ سامهون اچي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي اداڪارا مرونال ٺاڪر ۽ اداڪار ڌَنُش جي شادي بابت افواهه زور پڪڙي رهيا آهن ۽ چيو پيو وڃي ته جوڙو جلد شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ وارو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، فلمي حلقن ۾ اداڪارا مرونال ٺاڪر ۽ اداڪار ڌَنُش جي ويجهڙائين بابت خبرون گردش ڪري رهيون آهن، جڏهن ته غير تصديقي اطلاعن موجب ٻئي 14 فيبروري تي شادي ڪري رهيا آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، افواهه آهن ته جوڙي جي شادي هڪ نجي تقريب ۾ ٿيندي، جنهن ۾ رڳو ويجها مٽ مائٽ ۽ دوست شريڪ ٿيندا.
ٻئي پاسي ڀارتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ انهن خبرن بابت جوڙي طرفان اڃا تائين باضابطا طور نه ڪا تصديق ۽ نه ئي ترديد جاري ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.