افغان ٽيم کي ورلڊ ڪپ کان اڳ وڏو جهٽڪو، اهم بالر ٽورنامينٽ مان ٻاهر

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اهم فاسٽ بالر نوين الحق انجري سبب ايندڙ مهيني شروع ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ٿي ويو آهي.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ ڪرڪ انفو موجب، افغان فاسٽ بالر نوين الحق ايندڙ هفتي ويسٽ انڊيز خلاف ٽن ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ مان به ٻاهر ٿي ويو آهي.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ جو چوڻ آهي ته نوين الحق هلندڙ مهيني جي آخر ۾ سرجري ڪرائيندو.
افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ اڃا تائين نوين الحق جي متبادل جو اعلان ناهي ڪيو، جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ريزرو رانديگرن ۾ اسپنر اي ايم غضنفر، اعجاز احمد زئي ۽ فاسٽ بالر ضياءُ الرحمان شريفي شامل آهن.
ڪرڪ انفو موجب، نوين الحق جي انجري جي نوعيت اڃا تائين سامهون ناهي اچي سگهي.
واضح رهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 7 فيبروري کان ڀارت ۾ شروع ٿيندو، افغانستان ٽيم ميگا ايونٽ جي گروپ ڊي ۾ شامل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.