اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان ملاقاتن وارو معاملو ٻيهر سينيٽ ۾ اُٿاري ڇڏيو، جنهن تي قانون واري وفاقي وزيرِ اعظم نذير تارڙ چيو ته هي معاملو عدالت ۽ جيل اختيارين جي وچ ۾ آهي، حڪومت جو ڪنٽرول ناهي.
سينيٽ جو اجلاس سينيٽر شيري رحمان جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، جنهن دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ فلڪ ناز چترالي چيو ته ٻن مهينن کان پي ٽي آءِ باني تائين ڪنهن کي به رسائي ناهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ علي ظفر چيو ته عدالتي حڪم هوندي به ملاقات نه پئي ڪرائي وڃي.
پي ٽي آءِ کي جواب ڏيندي قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته هو پاڻ ان حوالي سان ايندڙ هفتي سينيٽ ۾ رپورٽ پيش ڪندو.
هن واضح ڪيو ته هي معاملو عدالت ۽ جيل اختيارين جي وچ ۾ آهي ۽ حڪومت جو ان معاملي تي ڪو به ڪنٽرول ناهي.