رپورٽون آهن ته دادو پوليس هٿان مبينه پوليس مقابلي ۾ ماريل نوجوان نادر جمالي جي ڪيس ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي نه ٿي جنهن سبب احتجاجي مظاهرن جو سلسلو چوٽ چڙهي ويو آهي. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا پيا وڃن. ڪراچي پريس ڪلب سامهون پڻ دادو ۾ مبينه مقابلي دوران نادر جمالي جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ مظاهرين جو چوڻ هو ته نادر جمالي هڪ زميندار هو جنهن کي ڦورو ڄاڻائي ڪوڙي مقابلي جو ڊرامو رچايو ويو. سندن چوڻ هو ته قانون کان مٿانهون قتل ڪرڻ جو حق ڪنهن کي به ناهي. رپورٽون آهن ته نادر جمالي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ پوليس وٽ پاڻمرادو پيش ٿيو هو.
ايئن به ناهي ته ڪو پوليس جي ڪوڙي مقابلي ۾ ڪنهن بيگناهه کي مارڻ جو هي پهريون واقعو آهي ڪوڙن پوليس مقابلن جي واقعن کي لکجي ته اهڙن واقعن تي ٻڌل ڪتاب لکجي وڃي پر افسوس ته اهڙن واقعن جو ڪو غير معمولي نوٽيس ناهي ورتو ويندو ڪو تدارڪ نه ٿيندو آهي. تازو نادر جمالي جي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ مارجڻ واري واقعي بابت به اهو ئي مطالبو آهي ۽ ان ڪري سڄي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا ٿي رهيا آهن ته ان قتل ڪيس جي اڻ ڌري شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ واقعي ۾ ملوث اهلڪارن کي گهربل سزا ڏني وڃي.مظاهرين اهو به چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن نادر جمالي جي قتل ۾ ملوث اهلڪارن کي گرفتار ڪري انهن کي سزا نه ڏني وئي ته پوءِ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ 18 جنوري تي سڄي سنڌ ۾ روڊ بند ڪيا ويندا.
اهڙي قسم جي واقعن ۽ حالتن کي ڏسي ڪري ئي پاڻ لکندا آهيون ته ملڪ اندر لاقانونيت جو راڄ آهي، هتي بظاهر حڪومتون به آهن، پوليس کاتو به آهي، عدالتون به هونديون آهن پر انهن جو نه دشمنن کي ڀئه هوندو آهي ۽ نه ئي سڄڻن کي ڪو آسرو اهو سڄو نظام نالي ماتر آهي. هتي نه قانون هوندو آهي ۽ نه ئي انصاف نه ئي داد فرياد کي ڪو ٻڌڻ وارو بس انڌير نگري هوندي آهي. ان جو مثال لاقانونيت ۽ ڏوهن جي واقعن خلاف هر ڳوٺ، هر شهر، واهڻ وستين ۽ پريس ڪلبن توڙي شاهرائن ۽ روڊن تي ٿيندڙ احتجاجي مظاهرا آهن جيڪي روز جو معمول بڻيل هوندا آهن. ان جو مطلب ته روز قتل غارت ۽ ڏوهن جا واقعا ٿين ٿا ۽ وارث توڙي عوام مقتولن جا لاش روڊن رستن تي رکي احتجاج ڪندي نظر ايندا آهن. انهن وڌندڙ احتجاجي مظاهرن جو سبب هڪ قتل غارت ته ٻيو وري قاتلن ۽ ڏوهارين کي سوگهو نه ڪري سگهڻ جي روايتي نااهلي آهي. پنهنجي ملڪ اندر لاقانونيت جي بالادستي جو عالم اهو آهي ته هتي جنهن تيز رفتاري سان قتل ۽ ڏوهه ٿيندا آهن تنهن تيز رفتاري سان هتي قاتلن ۽ ڏوهارين کي پڪڙي گهربل سزا ڏيڻ جو رواج ناهي. هتي صرف ۽ صرف قتل ۽ ڏوهه ئي ٿيندا آهن ۽ ردعمل ۾ وارثن ۽ عوام جا احتجاجي مظاهرا پيا ٿيندا آهن ۽ قاتلن ڏوهارين جي گرفتارين جا واقعا.
ان لاقانونيت کي ڏسندي پاڻ تازو سنڌ ۾ مقرر ٿيل نئين آءِ جي جاويد عالم اوڍو کي ايڊيٽوريل ۾ مخاطب ٿي تجويز ڏني هئي تاريخ کيس سنڌ جو مثالي آءِ جي بڻجڻ جو جيڪو سونهري موقعو ڏنو آهي تنهن اعزاز کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ۽ ان لاءِ کيس بس بهترين قائداڻي ۽ پروفيشنل ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي جيڪا ڪا ڏکي ڳالهه به ناهي ڇاڪاڻ ته پيشه ور طور پوليس جو هڪ قانون موجود آهي جنهن تحت بس کين ايمانداراڻي نموني پنهنجي فرض جي ادائگي ڪرڻي آهي. عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ واري اولين مقصد تحت ئي ڪم ڪرڻو آهي ۽ بس. هاڻي سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته جنهن جذبي ۽ اميد سان پاڻ آءِ جي جاويد عالم اوڍي جي آجيان ڪئي سو جذبو ۽ اميد جاويد عالم پاڻ به رکي ٿو يا نه. جيڪڏهن هو اهڙي جذبي ۽ مقصد تحت پوليس جي شاندار ۽ يادگار ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ سنجيده هوندو ته اهو عمل سندس کنيل قدمن، پاليسين، حڪمت عملين ۽ ڪارڪردگي مان نظر ايندو پر پاڻ کي اڃان تائين اهڙا ڪي آثار نظر نٿا اچن جنهن مان اندازو ٿئي ته نئون مقرر ٿيل آءِ جي ڪو غير معمولي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو عزم رکي ٿو جڏهن ته ڏسجي ته سندس آڏو چئلينج ئي چئلينج موجود آهن. سڀ کان وڏو چئلينج آهي لاقانونيت جي قائم ٿيل راڄ، ڏوهارين ۽ قاتلنن جي گرفتار نه ٿيڻ جو آهي.
آءِ جي سنڌ کي اهو سوچڻ گهرجي ته اهو ڇا سبب آهي جو قاتل ۽ ڏوهاري ته تيز رفتاري سان پنهنجيون وارداتون ڪن ٿا پر ان برق رفتاري سان قاتل ۽ ڏوهاري گرفتار ٿي گهربل سزا ڇو نٿا ماڻين. ٻيو ته کيس روز بدامني جا مختلف نوعيت جا واقعا به مسئلا ياد ڏياريندا رهندا جيئن اڄ ڪلهه وري پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ هڪ بي گناهه کي ماريو آهي. هتي پوليس جا هاف فراءِ ۽ فل فراءِ جا داستان به ٻڌبا رهيا آهن ۽ پرنٽ ميڊيا، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا جي زينت به بڻبا آهن سو نئون آءِ جي ان معاملي کي به ترجيحي بنياد تي ڏسي سگهي ٿو.
سو پنهنجي آءِ جي سنڌ ۽ سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار کي گذارش هوندي ته اهي انهن چئلينجن کي قبول ڪن ۽ خاص ڪري پوليس اهلڪارن کان ته فوري طور تي ماڻهو مارڻ جو اختيار کسين. يا اهڙن واقعن جي ترت جاچ ڪري پتو لڳائڻ گهرجي ته انهن واقعي به پنهنجي حفاظت ۾ گولي هلائي يا ڪوڙو مقابلو ڪيو آهي. پوليس اهلڪارن تي اهڙا الزام لڳڻ جو سبب به اهو ئي آهي جو اهڙن واقعن جي ترت، شفاف ۽ غير جانبدار جاچ ناهي ٿيندي، ته ڇا اها توقع سنڌ جي نئين مقرر ٿيل آءِ جي جاويد عالم اوڍي مان ڪري سگهجي ٿي ته هو پنهنجي دور ۾ وري ڪوڙو پوليس مقابلو ٿيڻ نه ڏيندو يا اهڙن واقعن جي فوري جاچ جي روايت وجهندو جنهن جي شروعات کيس نادر جمالي جي قتل ڪيس کان ڪرڻ گهرجي ۽ ان ڏس ۾ غير جانبدار جاچ ڪرائي ته جيئن معاملي جي حقيقت معلوم ٿي سگهي ۽ جيڪڏهن آءِ جي پوليس اهڙي جاچ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته اسان سندس اها پهرين وڏي ڪاميابي ۽ نئين روايت سمجهينداسين.