رپورٽن موجب عوامي آواز ميڊيا گروپ جي ارڏي رپورٽر شهيد نصرالله گڏاڻي جي 44 هين سالگرهه جي موقعي پريس ڪلب ميرپور ڪلب ماٿيلو آڏو هڪ تقريب رٿي وئي جنهن ۾ شهيد جي ساٿين، مٽن مائٽن، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين شرڪت ڪئي ۽ ان موقعي تي شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي مقررن خطاب ڪندي چيو ته نصرالله گڏاڻي کي حق، سچ لکڻ ۽ ڳالهائڻ جي ڏوهه ۾ علائقي جي وڏيرن هٿان ڏينهن ڏٺي جو قتل ڪيو ويو پر افسوس ته ٻه ورهيه گذرڻ باوجود شهيد جي ڄاتل سڃاتل قاتلن خلاف ڪنهن به قسمم جي ڪارروائي نه ٿي ٿئي اڃان به هر سطح تي کيس بچائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. ٻئي پاسي شهيد نصرالله جي وارثن کي مليل پوليس جي سيڪيورٽي به واپس ورتي وئي آهي باوجود ان جي ته شهيد جي وارثن کي بااثر جوابدارن پاران ڌمڪيون به ملنديون رهيون آهن. شهيد نصرالله جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي ٻڌايو آهي ته ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث پ پ ايم اين اي خالد لنڊ جا گارڊ اسان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. حاضرين تي وڃڻ وقت رستا روڪ ڪري گارگند ڪئي ويندي آهي جنهن ڪري هر وقت جان جو خطرو رهي ٿو. هن چيو ته اسان گذريل ڏينهن تازو مقرر ٿيل آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو جي ميرپور ماٿيلو آمد جي موقعي تي احتجاج ڪيو هيو ۽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي گهوٽڪي اچڻ تي پڻ سندس آڏو احتجاج ڪيو هو. هن چيو ته اسان کي هاڻي آخري اميد چيف جسٽس مان ئي آهي ته اهو انصاف ڪندو.
اها اسان جي ملڪ جي عوام جي وڏي بدبختي رهي آهي جو هتان جي عوام کي انصاف دستياب ناهي نه ئي بنيادي آئيني حق ملندا آهن پوءِ به شابس آهي عوام کي جيڪو انصاف لاءِ بدستور پڪاريندو رهي ٿو. جيڪو اهو پڪاريندو رهندو آهي. ڏسجي ته هن انڌير نگريءَ ۾ ظلم خلاف آواز اٿارڻ به وڏو جهاد آهي. عوام ته ظلم خلاف آواز ئي اٿاري سگهي ٿو، احتجاج ئي ڪري سگهي ٿو جيڪو اهو پنهنجي جان جوکي وجهي به اٿاري رهيو آهي. عوامي آواز جي ميرپور ماٿيلو جي رپورٽر نصرالله گڏاڻيءَ به اهو ئي ڪيو ۽ جاگيرداراڻي ظالماڻي نظام ۾ ٿيندڙ ظلمن خلاف پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ بنا انتهائي بهادري ۽ بي باڪي سان آواز اٿاريندو رهيو ۽ شهادت ماڻي.
هر دور جي ظالم کي اها غلط فهمي رهي آهي ته ڪو ظلم خلاف آواز اٿاريندڙ ڪنهن فرد کي هميشه هميشه لاءِ خاموش ڪبو ته اهو آواز ڪو بند ٿي ويندو پر تاريخ ثابت ڪيو آهي ته هڪ آواز کي خاموش ڪيو ويندو آهي ته ردعمل طور سوين، هزارين، لکين ۽ ڪروڙين آواز بلند ٿيندا آهن. نصرالله گڏاڻي کي قتل ڪندڙ ڀوتار به ان غلط فهمي ۾ رهيا ۽ هڪ قتل ڪري پاڻ کي ڏوهي بڻائي ڇڏيو. جڏهن ته نصرالله گڏاڻي جو آواز ”ڀوتار ماءِ فٽ“ سنڌ جو مزاحمتي نعرو بڻجي ويو آهي. جيڪو هاڻي سڄي سنڌ ۾ گونجيءِ رهيو آهي ۽ سنڌ جي هر ڀوتار کي للڪاري رهيو آهي. سو تاريخ مان سکڻ گهرجي اوهان ڏسي رهيا هوندئو ته جنهن ظلم خلاف نصرالله آواز اٿاري رهيو هو ۽ ان کي قتل ڪيو ويو سو آواز اڄ نصر الله جا معصوم پٽ به بلند ڪر ي رهيا آهن.
اهم ڳالهه اها آهي جيڪا نه رڳو حيرت جوڳي آهي پر انتهائي پر اميد آهي ته هن ملڪ اندر باوجود ان جي ته نه انصاف آهي ۽ نه ئي آئين قانون بالادست آهي، هتي طاقت ور، بااثر ۽ ظالمن کي حڪومت، پوليس ۽ عدالتن طرفان تحفظ به مهيا ٿيل هوندو آهي پر پوءِ به عوام جي اميد زنده آهي جيڪا غير معمولي ڳالهه آهي عوامي کي شايد اهو يقين آهي ته رات ڪيڏي به ڊگهي ڇو نه هجي صبح اڻٽر آهي جيڪو ضرور ٿيندو. ان يقين تي ملڪ جو عوام هر قسم جي ناسازگار حالتن ۾ به انصاف لاءِ آواز اٿاريندو نظر اچي ٿو جنهن جو هڪ مثال نصرالله گڏاڻي جا وارث آهن جن کي باوجود ان جي ته نه حڪومت نه پوليس ۽ نه ئي عدالت جو سهڪار ۽ آٿت آهي پر پوءِ به چون ٿا ته کين چيف جسٽس سنڌ مان اميد اهي ته اهو ضرور انصاف ڪندو. اهو ناقابل يقين موقف آهي . عوام جي انصاف ۽ قانون مان اهڙي اميد مان جيڪر اسان جون حڪومتون، پوليس نظام ۽ عدالتون اتساهه وٺن ۽ عوام جي ان پراميدي مان اتساهه وٺي جيڪر انهن کي به پاڻ ۾ اعتماد پيدا ٿئي پر بظاهر ته پري پري تائين ان جو امڪان نظر نٿو اچي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته عوام جو ايمان غلط آهي.
عوام اصولي طور تي درست آهي. اهو ظلم، ناانصافين خلاف ان اميد ٿي آواز اٿاري رهيو آهي ته ايئن اهو حڪومتن، پوليس ۽ عدالتن کي پنهنجو اصولي فرض ۽ ڪم ياد ڏياري رهيو آهي ۽ سندن ستل ضمير کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي يعني اهو درست رخ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. سو نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ جي چيف جسٽس ۾ انصاف جي اميد رکڻ درست سوچ جو مظهر آهي. اها سوچ ٻڌائي ٿي ته اصولي طور تي هو درست رستي تي بيٺل آهي. ان عمل مان سڀني کي سکڻ گهرجي ته رستو ڪيڏو به ڏکيو، تڪليف جوڳو ۽ بظاهر ڊگهو هجي پر ان يقين سان ان رستي تي هلڻ گهرجي ته اهو بهرحال درست رستو آهي. سو نصرالله گڏاڻي جي وارثن لاءِ ظاهري طور تي حالتون ڏکيون ۽ تڪليف ده آهن پر ڪمال آهي سندن صبر ۽ ثابت قدمي تي هلندي پنهنجي ڀاءُ جي قاتلن کي انجام تي رسائڻ چاهين ٿا.
اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن اهي انصاف مان مايوس ٿي لاقانونيت جو وڳوڙي ۽ انتها پسند رستو اختيار ڪندا ته اهو غلط هوندو تنهن ڪري درست، آئيني قانوني ۽ اصولي رستو اختيار ڪرڻ ئي بيحد اهم سوچ آهي جيڪا نصرالله گڏاڻي جي وارثن جي آهي جنهن جي اسان آجيان به ڪيون ٿا ۽ ان جي همت افزائي به ڪيون ٿا ۽ کين ان ڳالهه تي ويساهه ڏياريون ٿا ته انهن کي ايئن ئي آئين ۽ قانون جو دڳ اختيار ڪرڻ گهرجي، ان رستي تي ئي سندن منزل آهي جيڪا کين ضرور ملندي ۽ اهي پنهنجا مقصد ماڻي وٺندا.