ٽرمپ ٻين جي ڳڻتي ڇڏي پنهنجي ملڪ جي مسئلن تي ڌيان ڏئي: آيت الله خامنه اي

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي چيو آهي ته ايران ڪرائي جي فوجين کي برداشت نه ڪندو.
عوام کي خطاب ڪندي آيت الله خامنه اي ايرانين کي اتحاد برقرار رکڻ جي تاڪيد ڪئي.
هن چيو ته ڪجهه ڏڦيڙي عوامي ملڪيتن کي نقصان پهچائي ٽرمپ کي خوش ڪرڻ چاهين ٿا، ٽرمپ ٻين جي ڳڻتي ڇڏي پنهنجي ملڪ جي مسئلن تي ڌيان ڏئي.
واضح رهي ته ايران ۾ معاشي بحران خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي ۽ 28 ڊسمبر کان جاري احتجاج ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 45 ڄڻا مارجي چڪا آهن.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن ايراني سيڪيورٽي فورسز احتجاج ڪندڙن تي طاقت جو استعمال ڪيو ته آمريڪا سخت ردعمل ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.