ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ثقافت ۽ سياحت کاتي جي صوبائي وزير ذوالفقار علي شاهه چيو آهي ته ليجنڊري ڳائڻي عابده پروين مڪمل طور صحتمند آهي، سندس لاڏاڻي بابت گردش ڪندڙ خبرون بي بنياد ۽ ڪوڙيون آهن.
جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي وزير ذوالفقار علي شاهه چيو ته سندس عابده پروين سان فون تي رابطو ٿيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هن عابده پروين جي صحت بابت پڇا ڪئي، جنهن تي عابده پروين ٻڌايو ته هوءَ مڪمل طور صحتمند آهي.
عابده پروين جي لاڏاڻي جون خبرون ڪوڙيون، هوءَ مڪمل طور صحتمند آهي: ذوالفقار علي شاهه
You might also like