ڪراچي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخوا جو وڏو وزير سهيل آفريدي ڪراچي پهچي ويو آهي.
ڪراچي ايئرپورٽ تي صوبائي وزير سعيد غني ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي آجيان ڪئي ۽ کيس اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پارائي.
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي آمد جي موقعي تي ڪراچي ايئرپورٽ جي ڀرپاسي سخت ترين ٽريفڪ جام ٿي وئي، جڏهن ته ايئرپورٽ سگنل وٽ بيٺل ڪارڪنن به هوائي اڏي ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪئي.
واضح رهي ته خيبر پختونخوا جو وڏو وزير سهيل آفريدي ڪراچي جي دوري دوران مختلف شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو.
ان کانسواءِ سهيل آفريدي ڪراچي ۾ تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي.
ان کان اڳ سهيل آفريدي پنجاب جو دورو ڪيو هو، جنهن دوران پي ٽي آءِ الزام هنيو هو ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز طرفان سهيل آفريدي جي دوري موقعي تي رستا بند ڪرائي ڇڏيا هئا.