لاهور (ويب ڊيسڪ) ليجنڊري صوفي گلوڪارا عابده پروين جي وفات بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرون ڪوڙيون ۽ بي بنياد آهن، عابده پروين جي نياڻي اهڙين افواهن کي رد ڪندي واضح ڪيو آهي ته سندس امڙ مڪمل طور خيريت سان ۽ صحتمند آهي.
عابده پروين جي ڌيءَ صورتحال جي وضاحت ڪندي چيو ته ليجنڊري ڳائڻي جي لاڏاڻي بابت خبرون سراسر غلط آهن.
هن ٻڌايو ته لاهور جي علائقي دلگران چوڪ ۾ هڪ عورت جو لاڏاڻو ٿيو هو، جنهن جو نالو به عابده پروين هو، جنهن سبب غلط فهمي پيدا ٿي.
هن چيو ته اهي خبرون مڪمل طور تي ڪوڙيون آهن ۽ منهنجي امڙ جي وفات بابت غلط اطلاعن ذريعي مداحن کي گمراهه ڪيو پيو وڃي.
ان کانسواءِ عابده پروين جي ڌيءَ عوام کان اپيل ڪئي آهي ته هو رڳو تصديقي ۽ اعتماد جوڳن ذريعن وٽان ئي ڄاڻ حاصل ڪن ۽ افواهن تي يقين نه ڪن.
واضح رهي ته اهڙن ڪوڙين خبرن سبب ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ عابده پروين جي مداحن سخت ڳڻتي جو مبتلا ڪري ڇڏيو هو. خاندان طرفان عوام ۽ ميڊيا کان اپيل ڪئي وئي آهي ته غير تصديق ٿيل خبرون پکيڙڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ فڪارن ۽ سندن ڪٽنب جي نجي زندگي جو احترام ڪيو وڃي.