ڪاراڪس(ويب ڊيسڪ) وينزويلا ۽ ڪيوبا آمريڪي ڪارروائي دوران مارجي ويل 55 فوجي اهلڪارن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ڪيوبا ۽ وينزويلا گذريل هفتي آمريڪي حملي دوران ٿيل جاني نقصان بابت تفصيل جاري ڪيا آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڪيوبا جي حڪومت ڪاراڪس ۾ ٿيل فوجي ڪارروائي دوران مارجي ويل پنهنجن 32 اهلڪارن جا نالا جاري ڪيا آهن، جڏهن ته وينزويلا جي فوج به پنهنجي 23 اهلڪارن جي نالن جي فهرست شايع ڪئي آهي.
ڪيوبا ڊيبيٽ ۾ شايع ٿيل انگن اکرن موجب، 21 اهلڪار گهرو کاتي سان واڳيل هئا، جن ۾ 3 اعليٰ آفيسر (ٻه ڪرنل ۽ هڪ ليفٽيننٽ ڪرنل) شامل هئا، جڏهن ته باقي انقلابي هٿياربند فوجن جا ميمبر هئا، جن ۾ گهڻي ڀاڱي فوجي هئا.
ٻئي پاسي وينزويلا جي فوج 23 فوجي اهلڪارن جي مارجڻ بابت تفصيل شائع ڪيا آهن، جن ۾ 5 ايڊمرل، مختلف رينڪن جا 16 سارجنٽ ۽ 2 فوجي شامل آهن.
هڪ آمريڪي اخبار موجب، آمريڪي عملدارن جو اندازو آهي ته وينزويلا ۾ ٿيل فوجي ڪارروائي دوران اٽڪل 75 ڄڻا مارجي ويا، فوتگيون ڪاراڪس ۾ صدر مادورو جي ڪمپائونڊ تي شديد فائرنگ ۽ ويڙهه دوران ٿيون.
واضح رهي ته آمريڪا ڇنڇر جي ڏينهن وينزويلا تي حملو ڪيو هو، جنهن دوران آمريڪي ڊيلٽا فورس وينزويلا جي صدر مادورو ۽ سندس زال کي صدارتي محل مان گرفتار ڪري کڻي وئي هئي.
آمريڪي صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته مادورو ۽ سندس زال کي سندن بيڊ روم مان گرفتار ڪري نيويارڪ آندو ويو آهي، هاڻي آمريڪا ۾ مٿن منشيات ۽ دهشتگردي جي الزامن هيٺ ڪيس هلندو.
آمريڪي فوجي ڪارروائي دوران وينزويلا ۽ ڪيوبا جا سينيئر فوجي اهلڪار مارجي ويا، تفصيل پڌرا
You might also like