ڪچي ۾ ڌاڙيل خلاف وڏي پيماني تي آپريشن شروع ڪيو ويو آهي: ضياءُ الحسن لنجار

سکر (ويب ڊيسڪ)صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته ڪچي جي علائقن ۾ اڄ کان وڏي پيماني تي آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.
سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته ڪچي واري علائقي ۾ وڏو آپريشن شروع ڪري رهيا آهيون، جيڪي ڌاڙيل پاڻ کي چيمپيئن سمجهن ٿا انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته هٿيار ڦٽا ڪندڙن کي موقعو ڏنو ويندو.
سندس چوڻ هو ته هن وقت آپريشن ۾ فوج جي ضرورت ناهي، سنڌ پوليس سان گڏ رينجرز به آپريشن ۾ حصو وٺندي.
ضياءُ الحسن لنجار چيو ته سکر ۽ لاڙڪاڻو رينج جي اعليٰ پوليس عملدارن سان هڪ اجلاس ۽ تفصيلي اجلاس ٿيو آهي، جنهن ۾ امن امان جي صورتحال تي بحث ڪيو ويو.
هن چيو ته اڄ کان پوءِ سکر، ڪشمور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو.
هن انڪشاف ڪيو ته سنڌ مان اغوا ٿيل ڪيترن ئي ماڻهن کي پنجاب مان بچايو ويو، جنهن لاءِ پنجاب حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارن جا ٿورائتا آهيون.
هن وڌيڪ چيو ته آپريشن دوران پنجاب پوليس جي به ضرورت پوندي، ڌاڙيلن کي مڪمل طور نيست نابود ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.