”ميچون ته ڀارت ۾ئي ٿينديون“، آءِ سي سي بنگلاديش جي درخواست رد ڪري ڇڏي

دبئي/نئين دهلي/ڍاڪا (ويب ڊيسڪ)ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ميچون ڀارت مان منتقلي لاءِ بنگلاديش جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب، بنگلاديش ڀارت کان ٻاهر ڪنهن ٻئي هنڌ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جون ميچون منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، پر آءِ سي سي درخواست رد ڪندي بنگلاديش کي ميچن لاءِ ڀارت وڃڻ جو چيو ۽ ڀارت نه وڃڻ جي صورت ۾ پوائنٽس کان هٿ ڌوئڻو پوندو.
ٻئي پاسي، بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ دعويٰ ڪئي آهي ته گورننگ باڊي طرفان اهڙو ڪو به الٽيميٽم نه ڏنو ويو آهي.
ياد رهي ته فاسٽ بولر مستفيض الرحمان کي هندو انتهاپسندن جي ڌمڪين کانپوءِ انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) مان نيڪالي ڏيڻ (ريليز ڪرڻ) واري معاملي تي سيڪيورٽي خدشن جو جواز ڄاڻائي آءِ سي سي کان ڀارت ۾ شيڊيول ڪيل پنهنجون ميچون منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 7 فيبروري کان ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ شيڊيول آهي، گروپ سي ۾ شامل بنگلاديش جون چار ۾ ٽي ميچون ڪولڪتا ۽ هڪ ميچ ممبئي ۾ رٿيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.