اسلام آباد/راولپنڊي (م ڊ) بنگلا ديش جي هوائي فوج جي سربراهه پاڪستان جو دورو ڪيو، جتي پاڪستان ۽ بنگلا ديش جي هوائي فوجنوچ ۾ دفاعي سهڪار وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب ايئر هيڊڪوارٽرز اسلام آباد پهچڻ تي پاڪ فضائيا جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو بنگلا ديشي هوائي فوج جي سربراهه جو استقبال ڪيو ۽ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. ملاقات دوران پاڪ فضائيا طرفان بنگلا ديش جي هوائي فوج لاءِ جامع تربيتي سهڪار جي خاطري ڪرائي وئي. سپر مشاق ٽرينر جهازن جي تيز فراهمي، ڊگهي مدي واري سپورٽ، پراڻي فليٽ جي مينٽيننس، ايئر ڊفينس ريڊار سسٽمز ۽ جي ايف 17 ٿنڊر جهازن جي ممڪن خريداري تي به تفصيلي مشاورت ٿي. بنگلا ديشي وفد نيشنل آءِ ايس آر، سائبر ڪمانڊ ۽ ايئرو اسپيس ٽيڪنالاجي پارڪ جو به دورو ڪيو. ٻنهي ملڪن پاڪ بنگلا ديش دفاعي لاڳاپن کي ڊگهي مدي واري اسٽرٽيجڪ ڀائيواري ۾ تبديل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.