راولپنڊي(عوامي آواز رپورٽ)ڊي جي آءِ ايس پي آر ايمان مزاري کي “بارِڪ وارداتيه” قرار ڏئي ڇڏيو آهي۔ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته جڏهن دهشتگردن خلاف ڪارروايون ڪيون وڃن ٿيون ته هتي موجود ڪجهه “اونهي واردات” دهشتگردن جي حمايت ۾ سامهون اچي وڃن ٿا. انهن مان هڪ ناروي ۾ ويٺل آهي. هوءَ (ايمان مزاري) پاڻ کي هيومن رائٽس ايڪٽيوسٽ سڏي ٿي. هڪ پروفيسر عثمان قاضي جي دهشتگردي بابت سوشل ميڊيا تي بيانيه ٺاهيو ويو. هنن سڀني جون ڏوريون ٻاهرين هٿن ۾ آهن.ڊي جي آءِ ايس پي آر وزيراعليٰ ڪي پي سهيل آفريدي جو مسجدن ۾ ڪتن کي ٻڌڻ بابت ڏنل بيان پڻ نشر ڪيو ۽ چيو ته هي صاحب اهڙيون کل جوڳيون ڳالهيون ڇو ٿو ڪري؟ جڏهن ڪنهن وٽ دليل ۽ منطق نه هوندو آهي ته پوءِ اهڙي قسم جي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي آهي.