اسلام آباد(سيد عمران شفقت)ڊي جي آءِ ايس پي آر جي هڪ انتهائي اهم، ڌماڪيدار ۽ جامع پريس ڪانفرنس بنيادي طور گذريل سال دهشتگردي جي واقعن، دهشتگردن کي ملندڙ سهڪار، پاڪستان،رياستي ادارن ۽ خاص طور پاڪستاني فوج خلاف ٺاهيل بيانين بابت هئي. اهي بيانيا ٻاهرين ملڪن مان به ٺاهيا ويا ۽ اندروني طور سياسي مقصدن لاءِ به. ڊي جي آءِ ايس پي آر ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ته صحافي هجن، سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ هجن يا سياسي حلقا—جيڪي دهشتگردن جي مدد سان بيانيا ٺاهين ٿا—انهن سڀني کي هن ڪيس ۾ وائکو ڪيو ويو.ڊي جي آءِ ايس پي آر پوري پريس ڪانفرنس ۾ هڪ مڪمل ڪيس بلڊ اپ ڪيو ۽ 2025 جي انگن اکرن سان صورتحال واضح ڪئي. هن ٻڌايو ته گذريل سال 75 هزار 175 انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيا ويا. دهشتگردي جا 2500 واقعا ٿيا، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ عام شهريَن جون 1235 شهادتون ٿيون.هن سوال اٿاريو ته آخر خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي ڇو وڌي آهي؟ ان جو سبب اهو ٻڌايو ويو ته اتي دهشتگردن لاءِ سياسي طور سازگار ماحول مهيا ڪيو پيو وڃي.هڪ اهم موڙ تي ڊي جي آءِ ايس پي آر عوامي نيشنل پارٽي (ANP) کي محب وطن ۽ غيرتمند جماعت قرار ڏنو ۽ چيو ته ان جي اڳواڻن، جلسن ۽ جنازن تي دهشتگرد حملا ڪندا رهيا، جڏهن ته اهڙي دهشتگردي پي ٽي آءِ خلاف ڪڏهن نه ٿي.نتيجو اهو آهي ته رياست اڄ پنهنجو موقف مڪمل طور واضح ڪري ڇڏيو آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ وڏا فيصلا ٿيندي نظر اچن ٿا.