اسلام آباد/لاهور(مزمل سهروردي) ڊي جي آءِ ايس پي آر واضح چيو آهي ته جيڪڏهن سياسي جماعتن کي ڳالهه ڪرڻي آهي ته حڪومت سان ڪن، فوج ڪڏهن به سڌي ڳالهه ٻولهه لاءِ ناهي چيو. ته پوءِ اهو جيڪو بيانيو هو ته حڪومت اسٽيبلشمينٽ جي منظوري سان ڳالهين لاءِ اڳتي وڌي رهي آهي، اهو بيانيو هاڻي ڪيڏانهن ويو؟.فوج جي اسٽينڊرڊ پوزيشن اها آهي ته ڳالهه حڪومت سان ٿيندي. ها، ماضي ۾ مثال ڏنا وڃن ٿا ته جنرل باجوه جي دور ۾ ٻاهران ڪجهه ۽ اندر ڪجهه هلندو هو، فيض حميد به ڳالهيون ڪندو هو. پر ماڻهو وساري ويٺا آهن ته هاڻي نه اهو باجوه جو دور آهي ۽ نه فيض جو. هي سيد عاصم منير جو دور آهي.سيد عاصم منير جي شخصيت ۾ ٻٽي پاليسي ناهي. جيئن ٻاهر آهي، تيئن اندر آهي. هو چوي ٿو ته ڳالهه ناهي ڪرڻي ته ناهي، ۽ جيڪڏهن چوندو ته ڳالهه ڪرڻي آهي ته کليل نموني ڪندو.هن وقت عاصم منير جي ڊڪشنري ۾ عمران خان بابت ڳالهيون شامل ناهن. حڪومت جيڪڏهن ڪا ڳالهه ڪرڻ چاهي ٿي ته ان جي به هڪ محدود حد هوندي. حڪومت وٽ عمران خان کي اين آر او ڏيڻ يا آزادي ڏيڻ جو اختيار ناهي، ڇوته 9 مئي جو ڪيس حڪومت جو ناهي، اهو فوج جو ڪيس آهي.پي ٽي آءِ جيڪڏهن ڪا سياسي حڪمت عملي ٺاهڻ چاهي ٿي ته اها پارٽي جي حد تائين ٿي سگهي ٿي، پر عمران خان جي ذات بابت ڪا به ڳالهه ٻولهه ممڪن نظر نٿي اچي. هي هڪ حقيقت آهي ته ٽي ٽي پي يا بي ايل اي ڪڏهن به پي ٽي آءِ جي قيادت کي نشانو ناهي بڻايو. جڏهن ته اي اين پي، جي يو آءِ (ف)، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي سڀ دهشتگردي جو شڪار ٿيون آهن. سبب اهو آهي ته انهن جماعتن جو دهشتگردي خلاف واضح موقف آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جو بيانيو دهشتگردن لاءِ نرم رهيو آهي. دهشتگرد پي ٽي آءِ کي پنهنجو دوست سمجهن ٿا، جڏهن ته ڊي جي آءِ ايس پي آر صاف چيو ته قوم جو پيءُ رڳو قائداعظم محمد علي جناح آهي. جنرل باجوا کي قوم جو پيءُ سڏڻ واري روايت اتي ختم ٿي وئي.عاصم منير کي نه ڪنهن جو پيءُ بڻجڻ جو شوق آهي ۽ نه هو چاهي ٿو ته کيس اهڙي لقب سان سڏيو وڃي. فوج هاڻي ان راند کان پري رهڻ ٿي چاهي، جتي سياستدان ضرورت پوڻ تي ڪنهن کي پيءُ بڻائين ۽ پوءِ ساڳئي کي مير جعفر سڏين.