ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) آمريڪا پاران وينزويلا تي حملي ۽ صدر نڪولس مادورو ۽ سندن گهرواري سيليا فلورس جو اغوا خلاف پاپولر ليفٽ الائينس طرفان ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان سنڌ جي سيڪريٽري ڪامريڊ اقبال چيو ته پاپولر ليفٽ الائينس جي سڏ تي سڄي ملڪ ۾ آمريڪا جي غنڊاگردي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته آمريڪا وينزويلا تي چڙهائي ڪري اتان جي صدر ۽ ان جي گهرواري کي اغوا ڪيو آهي. جيڪا کليل عالمي دهشتگردي آهي. جنهن کي مهذب دنيا قبول نه ڪندي. ان موقعي تي سنڌ هاري ڪاميٽي جي نائب صدر غلام مصطفىٰ راڄپر، انجمن جمهوريت پسند خواتين جي اڳواڻ انيله قادري، عوامي تحريڪ جي سرمد راڄپر، جيئي سنڌ محاذ جي خالد جوڻيجو ۽ پي ٽي آءِ حيدرآباد جي اڳواڻ محراب گل مهمد خطاب ڪندي چيو ته جتي به تيل، گئس ۽ زميني قدرتي معدنيات موجود آهن، اتي سامراجي طاقتون پراڪسيز جي ذريعي جنگون جاري رکيو ويٺيون آهن. آمريڪا هر هنڌ سازشون ڪري وڪائو فوجي جنرلن جي معرفت رجيم چينج ڪرائي ٿو. جتي لالچي غدار جنرل نٿا ملن، اتي وينزويلا جيان پاڻ سڌي ڪارروائي ڪري ٿو.هنن چيو ته آمريڪا عراق، ليبيا ۽ ٻين ملڪن مان تيل حاصل ڪرڻ لاءِ خونخوار جنگون ڪرائي پنهنجا مقصد حاصل ڪندو رهيو آهي. هن وقت سڄي دنيا انتهائي غير محفوظ ٿي چڪي آهي،هوڏانهن ڪميونسٽ پارٽي نصيرآباد پاران پريس ڪلب اڳيان ڪامريڊ جميل شيخ ۽ زويا جميل جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهري ۾ عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي اڳواڻ گلزار چنا ۽ ايس ايس ٽي اڳواڻ علي گوهر جتوئي پڻ خاص طور تي شريڪ ٿيا. ان موقعي تي مظاهرين پاران آمريڪي سامراجيت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ڪارڪنن "آمريڪي سامراجيت مرده آباد” ۽ "وينزويلا تي آمريڪي حملو نامنظور” جا زوردار نعرا هنيا.ميرپوربٺورو ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۽ سنڌ هاري ڪميٽي جي سڏ تي آمريڪا جي جارحيت ۽ وينزويلا تي حملي خلاف نبي سوهو،عبدالجبار زئور جي اڳواڻي ۾،سکر ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان سکر جي ضلعي سيڪريٽري ۽ ڪنوينر پاپولر ليفٽ الائنس ضلعو سکر شفاعت گھانگھري مالڪ کوسي انجمن ترقي پسند مصنفين سکر جي سيڪريٽري سردار پيرزادي عوامي تحريڪ جي مھراڻ سومري پورھيت اڳواڻ علي مردان شيخ منير لاکي جاڳرتا فورم جي چيئرمين ڊاڪٽر غلام رسول گھمري لعل شيخ عباس سومري غلام رسول سھاڳ سعيد اختر ذبيع الله جتوئي جي اڳواڻي ۾ سڳيون ۾ سنڌ ھاري ڪميٽي جي صدر پروفيسر مير منور ٽالپر,ڪامريڊ نثار سومرو، ڪامريڊ صالح سومرو،ڪامريڊ سکيو قريشي،ڪامريڊ علڻ شاهه،ڪامريڊ غلام علي ۽ ٻين جي اڳواڻيء ۾ ڪارڪنن ريلي ڪڍي،نوابشاهه ۾ مظاھري کي خطاب ڪندي الائنس جي ڪنوينر ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي چيو ته وينزويلا تي آمريڪي حملو ، صدر نڪولس ماڊورو ۽ ان جي شريڪ حيات سيلا فلورس جي اغوا سامراج جي کليل غنڊا گردي آهي، هي دنيا جي سڀني قانونن ۽ اصولن جي خلاف کلي خلاف ورزي ۽ جارحيت آهي. وينزويلا پنھنجو تيل چين جي ڪرنسي يو آن ۾ وڪرو ڪري رھيو آھي جنھن سان آمريڪا جو ڊالر مري رھيو آھي. پيٽرو ڊالر ئي آھي جنھن سان امريڪا دنيا جي معيشيت ۽ سياست تي قابض آهي. هي اصل ۾ وينزويلا جي تيل جي ذخيرن تي قبضي جي ڪوشش آهي. هن چيو ته اسان کي اميد آھي ته وينزويلا جو عوام اڻٿڪ جدوجھد سان امريڪا کي شڪست ڏيندو،صدر ماڊورو کي ان جي گهر واري سميت فوري طور تي باعظت طريقي سان آزاد ڪري پنهنجي ملڪ پهچايو وڃي . ھن پاڪستان جي حڪومت کان گھر ڪئي ته ٽرمپ کي نوبل پرائيز لاءِ نامزدگي جي تجويز واپس وٺي، ھو جنگ جو جنوني آهي، امن پسندي شرمناڪ ڳالھ آھي. چمبڙ مان ثوبيه کوسو موجب وينزويلا تي آمريڪا جي جاري جارحيت، گرفتارين، معاشي پابندين ۽ سامراجي مداخلت خلاف پاپولر ليفٽ الائنس ۽ سنڌ هاري ڪميٽي جي سڏ تي سي پي پي جي ضلعي سيڪريٽري ڪامريڊ ارباب رستماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي آمريڪي سامراج خلاف زوردار نعرا هنيا ويا،مظاهرين بينر، پلي ڪارڊ ۽ جهنڊا کڻي “آمريڪي داداگيري نامنظور”، “وينزويلا سان يڪجهتي”، “سامراج مرده باد”، “عالمي امن دشمن آمريڪا” ۽ “آزاد قومن تي حملا بند ڪيا وڃن” جهڙا نعرا هنيا،ان موقعي تي اڳواڻن ارباب رستماڻي، صديق سولنگي، گلاب ڀيل ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته آمريڪا پنهنجي سامراجي پاليسين تحت وينزويلا جي چونڊيل صدر خلاف ڪارروائيون ڪندي نه رڳو ملڪ جي خودمختياري کي لتاڙيو، پر صدر ۽ سندس گهرواري جي گرفتاري جهڙا قدم کڻي عالمي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي ڪئي. هنن چيو ته آمريڪا وينزويلا ۾ رجيم تبديل ڪري پنهنجي مرضي جي ڪٺ پتلي حڪومت قائم ڪرڻ چاهي ٿو، جيئن ملڪ جي قدرتي وسيلن تي قبضي کي يقيني بڻائي سگهجي،آمريڪا دنيا جو سڀ کان وڏي دهشتگرد رياست آهي، جنهن عراق، شام، ليبيا، افغانستان سميت ڪيترن ئي ملڪن کي جنگين، بمباري، پابندين ۽ سازشن ذريعي تباهه ڪري ڇڏيو آهي،وينزويلا تي اقتصادي پابنديون حملا، صدر جي گرفتاري ،سياسي مداخلت دراصل اتي جي عوام کي بک، بيروزگاري ۽ بدحالي ڏانهن ڌڪڻ جي سازش ۽ معدني وسيلن تي قبضو ڪرڻ آهي،اڳواڻن وڌيڪ چيو ته آمريڪا انساني حقن، جمهوريت ۽ آزادي جا ڪوڙا نعرا هڻي اصل ۾ آزاد ملڪن جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، وينزويلا، فلسطين، يمن، عراق ۽ شام جهڙن ملڪن سان جيڪو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، اهو عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي کليل ڀڃڪڙي آهي.مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن عالمي عدالتن ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته هو آمريڪي جنگي ڏوهن، جارحيت ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو سخت نوٽس وٺن ۽ آمريڪا خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. هنن چيو ته جيڪڏهن عالمي ادارا خاموش رهيا ته اها خاموشي به ظلم ۾ شراڪت تصور ڪئي ويندي.پاپولر ليفٽ الائنس ۽ سنڌ هاري ڪميٽي جي اڳواڻن اعلان ڪيو ته سامراجي قوتن خلاف جدوجهد جاري رهندي ۽ دنيا جي سڀني مظلوم قومن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويندو. هنن چيو ته سنڌ جا هاري ۽ پورهيت سامراجيت جي هر صورت کي رد ڪن ٿا ۽ وينزويلا جي عوام سان گڏ بيٺل آهن.احتجاج جي پڄاڻيءَ تي آمريڪي جارحيت جي مذمت ڪندي ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته وينزويلا خلاف سڀ پابنديون فوري ختم ڪيون وڃن، آزاد ملڪن جي خودمختياري جو احترام ڪيو وڃي ۽ دنيا کي جنگ بدران امن ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ حقيقي قدم کنيا وڃن.