ڪيلاش ڪمار جو قاتل گرفتار نه ٿيو، ڊي سي چوڪ تي وري ڌرڻي جو چتاءُ

پيرو لاشاري (رپورٽ: محمد ميراڻي) پيرولاشاري ويجهو ٻه ڏينهن اڳ هارپي واري ٻني ۾ جهوپڙي ٺاهڻ تان باثر زميندار هٿان بي گناھ قتل ٿيل پورهيت نوجوان ڪيلاش ڪمار ڪولهي جي وارثن پاران گذريل ڏينهن نوجوان جو قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف مين حيدرآباد بدين روڊ پيرولاشاري اسٽاپ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو هو، جتي ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي ڌرڻي ۾ پهچي وارثن ۽ اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري 24 ڪلاڪن اندر قاتل کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو هو، جنهن بعد وارثن ڌرڻو ختم ڪري تلهار ٿاڻي تي پهچي نوجوان جي کي قتل ڪندڙ جوابدار سرفراز نظاماڻي مٿان قلم 302 تحت قتل جو ڪيس داخل پڻ ڪرائي ڇڏيو آهي، پر 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس نوجوان جو قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، جنهن سبب مقتول نوجوان جي وارثن ۽ پاڪستان ڪولهي اتحاد جي اڳواڻن پاران پوليس تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي اڄ ڊي سي چوڪ بدين تي ٻيهر احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻڻ جو چتاءُ ڏنو آهي، ان کان علاوه مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ايس ٽي پي اڳواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي جي پٽ سرواڻ، شاهنواز سيال سميت ٻئين پڻ مقتول جي وارثن وٽ پهچي نوجوان ڪيلاش ڪمار جي قتل جي سخت مذمت ڪندي بي گناھ قتل ٿيل پورهيت نوجوان جو قاتل فورن گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ٻئي پاسي پوليس پاران ورتل 24  ڪلاڪن جي مهلت دوران جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بدران جوابدار جي پيءُ عبدالرشيد نظاماڻي کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار جو پيءُ ڪنن کان ٻوڙو ۽ گونگو پڻ آهي، جڏهن ته مک جوابدار جو هن مهل تائين پوليس پتو ناهي لڳائي سگهي.

ڪيلاش ڪولهي جو قاتل اڃا آزاد ڇو آهي: اياز پليجو

حيدرآباد(پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پيرو لاشاري ڀرسان نوجوان ڪيلاش ڪولھي کي قتل ڪرڻ واري واقعي جي مذمت ڪندي جوابدار جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آھي،هن چيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آھي. طاقتور ماڻھو سمجھن ٿا  ته ھاري، مزدور، پورھيت ۽ غريب ماڻھن جي ڪا اھميت ناھي. انھن تي تشدد، قتل ۽ ظلم طاقتور ماڻھن جو حق بنجي ويو آھي،هن چيو ته ٺٽو جيل سامهون قيدي علي بخش ملاح جي مبينا قتل خلاف ڌرڻو هڻي ويٺل وارث عورتن ٻارڙن تي پوليس جو وحشياڻو تشدد ۽ ٺٽو جي سينئر صحافي محبوب بروهي سميت صحافين سان بدسلوڪي جي جيتري به مذمت ڪجي گھٽ آھي. مبينا تشدد ۾ قيدي فوت ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪري شفاف جاچ ڪئي وڃي ۽ صحافين سان بدسلوڪي ڪندڙ پوليس وارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي،هن چيو ته پيرو لاشاري ڀرسان نوجوان جي قتل خلاف وارثن سان گڏ ھزارين ماڻھو ڌرڻو ھڻي ويٺل آھن پر انھن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪو تيار ناھي. حڪومتي وزيرن کي متاثرن وٽ پھچڻ گھرجي.

ڪيلاش ڪولهي جو قاتل گرفتار نه ٿيو ته احتجاج ڪبو: صنعان قريشي

ملير(ڊ ر ) گلشن حديد، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته بدين ضلعي جي تلهار شهر ۾ قتل ٿيل نوجوان ڪيلاش ڪولهي جا قاتل بنا دير گرفتار ڪيا وڃن، نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ روپلي جي للڪار جو روپ وٺي سونڊي ڪولهڻ احتجاج ڪري رهي ،جنهن جي احتجاج سميت ڪولهين جي هر فرد جي احتجاج جي حمايت ڪريون ٿا هن چيو ته  ڪولهي سنڌ اصل رهواسين ۽ سنڌ ڌرتي جا ڌڻي آهن انهن سان لاقانونيت ۽ ناانصافي ڪنهن به صورت قبول ناهي، جيڪڏهن ڪيلاش ڪولهي جا جوابدار سمورا گرفتار نه ڪيا ويا ته جسقم سنڌ جي وارثن ڪولهي جي احتجاج جو حصو ٿي هنن سان نوجوان ڪلاش جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو، جڏهن ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، ديدار شام کي پنهنجو ميڊيا ڪو آرڊينيٽر مقرر ڪري ڇڏيو آهي،

علي بخش ملاح ۽ ڪيلاش ڪولهي جا قاتل گرفتار ڪريو: رياض چانڊيو

ڪراچي(پ ر)جيئي سنڌ محاذ جو رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي سالگرھ جي حوالي سان اجلاس سخي ستار ڏنو چولياڻيھائوس تي زير صدارت پارٽي چيئرمين رياض علي چانڊيو جي ٿي گذريو اجلاس ۾ سائين جي ايم سيد جي 17 جنوري تي ٿيندڙ سالگرھ معتلق فيصلا ڪندي ڪاميٽيون جوڙيون ويون ان موقعي تي رياض علي چانڊيو چيو ته ھڪ طرف ڌاڙيل راڄ تـ ٻي پاسي اسٽريٽ ڪرائيم عروج تي آھي ھنن حالتن جي ذميوار پيپلزپارٽي آھي بدامني فل فراءِ ۽ ھاف فراءِ جا واقعا روز جو معمول بڻيل آھن ،هن چيو ته ٺٽي جي جيل ۾ ھاف فراءِ بعد لاڪپ ڪيل قيدي علي بخش ملاح کي ڀتو نـ ڏيڻ تي جيل انتظاميا ڦاسي ڏئي فل فراءِ ڪري ڇڏيو ان جا وارث انصاف لاءِ ٻاڪارين تـ مٿن پوليس تشدد ڪري کين روڊ تي گھلي اھو آھي ملڪ جو نظام بدين ۾ ھڪ بيگناھ ڪولھي نوجوان کي پوليس سرپرستي ۾ قتل ڪيو ويو آھي پوليس ڌاڙيل بڻجي وئي آھي قاتلن کان پئسا وٺي کين تحفظ فراھم ڪري رھي آھي عدالتون پھريان ئي غير موثر ھيون 26 ۽ 27 ترميم کان پوء ڪورٽون ختم ٿي چڪيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.