ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدار ارمغان جي غير قانوني ڪال سينٽر هلائڻ سان لاڳاپيل پيڪا ايڪٽ جي ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت موجب ارمغان کي هڪ لک رپيا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي شرط تي رليز ڪيو ويو آهي، جوابدار جي وڪيل خرم عباس
اعوان عدالت کي ٻڌايو ته اڄ تائين
جوادبار خلاف چالان پيش نه ٿيو،
نه ئي جاچي آفيسر عدالت ۾ حاضر ٿيو ۽ نه ڪو گواھ موجود آهي، ڪيس ۾ جوادبار خلاف ڪا تحريري شڪايت
به داخل نه ڪئي وئي آهي، واضح
رهي ته ارمغان خلاف اين سي سي
آئي ۾ پڻ ڪيس داخل هو، عدالت
طرفان جوابدار جي ضمانت منظور ڪندي کيس رليز ڪرڻ جو حڪم جاري
ڪيو ويو.