تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪين تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ آيت الله خامنه اي چيو ته ايران دشمن جي آڏو نه جھڪندو، قطعي پوئتي نه هٽندو ۽ دشمن کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪندو.
هن چيو ته جڏهن دڪاندار ۽ واپاري ملڪ جي مالياتي صورتحال، ڪرنسي جي قدر ۾ لاٿ، ملڪي ڪرنسي ۽ پرڏيهي ڪرنسي جي قيمتن ۾ لاهن چاڙهن کي ڏسندو آهي ته جنهن سبب ڪاروباري ماحول غير مستحڪم ٿئي ٿو ته چوندو آهي ته ” مان ڪاروبار نٿو ڪري سگهان“ اهو صحيح پيو چئي.
آيت الله خامنه اي چيو ته ملڪي اختيارين کي ان کي قبول ڪرڻ گهرجي ۽ هو ڄاڻي ٿو ته صدر ۽ ٻيا اعليٰ عملدار ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته هي هڪ ڏکيو ڪم آهي ۽ ان ۾ دشمن به ملوث آهي، پرڏيهي ڪرنسي جي قيمت ۾ سخت لاها چاڙها ۽ عدم استحڪام فطري نه آهن، پر ان ۾ دشمن ملوث آهي ۽ ان کي روڪڻ گهرجي.
هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته احتجاج ڪرڻ مناسب آهي، پر احتجاج ۽ شرپسنديءَ ۾ فرق هوندو آهي، مظاهرين سان ڳالهين جو عمل جاري آهي ۽ اختيارين کي مظاهرين سان ڳالهين ڪرڻ گهرجن، پر شرپسندن سان ڳالهين جو ڪو فائدو ناهي ۽ کين گهر جو دڳ ڏيکارڻ ضروري آهي.