اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد رياستي ادارن تي گمراهه ڪندڙ الزامن ۽ ساک متاثر ڪرڻ جي ڪيس ۾ عدم حاضري تي خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
سهيل آفريدي خلاف رياستي ادارن تي گمراهه ڪندڙ الزامن ۽ ساک متاثر ڪرڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي سينيئر سول جج عباس شاهه ڪئي.
عدالت سهيل آفريدي کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 17 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته سهيل آفريدي خلاف پيڪا ايڪٽ تحت اين سي سي آءِ اي ڪيس داخل ڪيو آهي.
You might also like