سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته وفاقي سيڪريٽري جي 35 ورهين جي خدمتن کانپوءِ کيس عام طور تي 6 کان 7 ملين رپيا گريجويٽي ملندي آهي، جڏهن ته تازو ڪجهه ججن استعيفيٰ ڏني، رٽائر نه ٿيا، 156 کان 161ملين رپين جا فائدا وٺي گهر هليا ويا.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا آصف چيو ته جيڪڏهن ڪو سيڪريٽري استعيفيٰ ڏئي ٿو ته ان کي رٽائرمينٽ جا فائدا ناهن ملندا، جيڪا ناانصافي آهي.
هن چيو ته اهي جج رٽائرمينٽ جي معيار موجب مراعتن جا اهل ناهن رپيا پر ان باوجود کين وڏيون ادائيگيون وصول ٿيون.
سندس چوڻ هو ته هڪ جج 1980 جي ڏهاڪي ۾ سي ايس ايس امتحان ۾ فيل ٿي ويو هو، پوءِ به کيس اهي فائدا ڏنا ويا، ججن جي ادائيگين ۾ شفافيت ۽ انصاف هجڻ گهرجي.
سپريم ڪورٽ جي مستعفي ججن کي پينشن جي مد ۾ ڳري رقم ملڻ تي خواجا آصف جي ڇتي تنقيد
Prev Post
You might also like