اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف بي آر ڪنهن به سال جي ڊسمبر جي ڀيٽ ۾ گذريل مهيني رڪارڊ ٽيڪس گڏ ڪري ورتو.
ايف بي آر اختيارين ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب کي ٽيڪس روينيو گڏ ڪرڻ بابت بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ڊسمبر ۾ 1427 ارب 10 ڪروڙ رپيا ٽيڪس روينيو گڏ ڪيو ويو، جيڪو ماهوار هدف 1446 ارب رپين جو 99 سيڪڙو آهي.
اختيارين موجب اها ڪنهن به سال جي ڊسمبر ۾ هيل تائين جي سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس وصولي آهي، اهڙي ريت ان لينڊ روينيو سروس شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي 1310 ارب رپين جي هدف جي ڀيٽ ۾ 1308 ارب رپيا وصول ڪيا، جيڪو 99.8 سيڪڙو آهي.
ان کانسواءِ نومبر جي ڀيٽ ۾ ڊسمبر ۾ ٽيڪس وصولي ۾ 59 سيڪڙو واڌ ٿي، نومبر ۾ وصولي 898 ارب رپيا هئي.
You might also like