واشنگٽن/ڪاراڪس (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا وينزويلا خلاف ”وڏي پيماني تي حملا“ ڪيا آهن ۽ ملڪ جي صدر نڪولس مادورو ۽ سندس گهرواري کي گرفتار ڪري ٻاهرين ملڪ منتقل ڪيو ويو آهي.
آمريڪا طرفان وينزويلا جي گادي واري شهر ڪاراڪس ۾ مختلف هنڌن تي حملا ڪيا ويا، جتي اکين ڏٺن شاهدن چيو ته ڌماڪن جا آواز انتهائي تيز هئا، جنهن سبب گهر ڌڏڻ لڳا.
ٻئي پاسي آمريڪي اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي ڊيلٽا فورس صدر مادورو ۽ سندس گهرواري جي گرفتاري وارو آپريشن انجام ڏنو.
وينزويلا جي بچاءَ واري وزير چيو آهي ته آمريڪي حملن کانپوءِ مارجي ويل ۽ زخمين جا تفصيل گڏ ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته ڪولمبيا ۽ ڪوبا وينزويلا تي آمريڪي حملن جي سخت مذمت ڪئي آهي..
وينزويلا جي نائب صدر ٽرمپ کان صدر مادورو ۽ سندس گهرواري جي زنده هجڻ جو ثبوت طلب ڪيو آهي.
وينزويلا جي بچاءَ واري وزير موجب، سڀ هٿياربند فوجون ملڪ ۾ مقرر ڪيون وينديون ۽ آمريڪي اڳرائي جو مقابلو ڪيو ويندو.
ريپبلڪن سينيٽر مائڪ لي تصديق ڪئي آهي ته آمريڪي بچاءَ واري وزير مارڪو روبيو جو خيال آهي ته صدر مادورو کي آمريڪا طرفان گرفتار ڪرڻ کانپوءِ وينزويلا ۾ وڌيڪ ڪارروائي جو امڪان ناهي، جڏهن ته صدر نڪولس مادورو تي آمريڪا ۾ فوجداري الزامن هيٺ ڪيس هلايو ويندو.