” وينزويلا جي صورتحال بگڙي چڪي آهي“، يورپي يونين جي ڌرين کي صبر جي اپيل

برسلز (ويب ڊيسڪ) يورپي ڪميشن جي نائب صدر چيو آهي ته يورپي يونين جي وينزويلا ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي گهري ۽ مسلسل نظر آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ هن جو چوڻ هو ته وينزويلا ۾ حالتون گهڻي حد تائين بگڙي چڪيون آهن، جنهن سبب خطي ۾ عدم استحڪام جا خدشا وڌي رهيا آهن.
نائب صدر موجب، يورپي يونين سڀني ڌرين کان ضبط، صبر ۽ احتياط اختيار ڪرڻ جي اپيل ڪري ٿي، جيئن صورتحال کي وڌيڪ بگڙڻ کان روڪي سگهجي.
هن واضح ڪيو ته وينزويلا ۾ رهندڙ يورپي شهرين جي حفاظت يورپي يونين جي پهرين ترجيح آهي ۽ ان حوالي سان سڀ ممڪن ۽ جوڳا قدم کنيا پيا وڃن.
يورپي ڪميشن جي نائب صدر زور ڏنو ته بحران جي حل لاءِ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن جو مڪمل احترام نهايت ضروري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.